ڪراچي: سڪرنڊ ۾ واقع  وٽرنري يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر فاروق الحسن شهيد بينظيرآباد تعليمي بورڊ جو وقتي چيئرمين مقرر ٿيل، وفاقي تعليمي بورڊ مان ڊيپوٽيشن تي آيل ذوالفقار شاھ کي وري ميرپورخاص تعليمي بورڊ جو سربراھ بڻايو ويو. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ جي تعليمي بورڊن  کي اعليٰ اختيارين پاران مذاق بڻايو ويو آهي، سڪرنڊ جي وٽرنري يونيورسٽي جي بااثر وائيس چانسلر ڊاڪٽر فاروق الحسن کي شهيد بينظيرآباد تعليمي بورڊ جي چيئرمين جي اضافي سونپيل آهي، جڏهن ته ميرپورخاص تعليمي بورڊ ۾ سربراھ طور مقرر ٿيل ذوالفقار شاھ کي وري وفاق مان ڊيپوٽيشن تي گھرائي اهم عهدو ڏنو ويو آهي.