اسلام آباد(م ڊ) وفاقي سرڪار اٽي ۽ ڪڻڪ جي سمگلنگ روڪڻ لاءِ هنگامي مانيٽرنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وفاقي گهرو کاتي کنڊ جي سمگلنگ مانيٽرنگ جيان اٽي ۽ ڪڻڪ جي سمگلنگ روڪڻ لاءِ هنگامي مانيٽرنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪندي صوبن کي خط لکي ڇڏيو. خط ۾ چيو ويو آهي ته 14 اپريل 2023ع تي قائم ڪيل مانيٽرنگ ويب پورٽل کي هاڻي ڪڻڪ، اٽي ۽ ٻين ضروري شين تائين وڌايو پيو وڃي. خط جي متن موجب، گهرو کاتي چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين ۽ صوبائي خوراڪ کاتي کي ايف بي آر ۾ موجود پورٽل سان ڳنڍڻ جو حڪم ڏنو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته هنگامي طور رات جو لکيل خط ۾ 24 ڪلاڪن اندر عمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.مانيٽرنگ ويب پورٽل ۾ نيشنل فوڊ سڪيورٽي ريسرچ، ايف بي آر، ڊائريڪٽوريٽ آف ملٽري آپريشنز جي ايڇ ڪيو ۽ گهرو کاتو شامل آهن