وفاق سنڌ جو احتجاج ٿڏي ڇڏيو: ارسا پاران چولستان آباد ڪندڙ ڪئنال لاءِ ساڍا 4 لک ايڪڙ فوٽ پاڻي منظوري جو انڪشاف

0
115
وفاق سنڌ جو احتجاج ٿڏي ڇڏيو: ارسا پاران چولستان آباد ڪندڙ ڪئنال لاءِ ساڍا 4 لک ايڪڙ فوٽ پاڻي منظوري جو انڪشاف
وفاق سنڌ جو احتجاج ٿڏي ڇڏيو: ارسا پاران چولستان آباد ڪندڙ ڪئنال لاءِ ساڍا 4 لک ايڪڙ فوٽ پاڻي منظوري جو انڪشاف

اسلام آباد(خصوصي رپورٽ) وفاق سنڌ جو احتجاج ٿڏي ڇڏيو، ارسا پاران چولستان کي آباد ڪندڙ ڪئنال لاءِ ساڍا 4 لک ايڪڙ فوٽ پاڻي منظور ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. 17 جنوري 2024ع تي ارسا جو اجلاس ٿيو هو، اهڙا دستاويز سامهون اچي ويا آهن، ارسا چولستان منصوبي کي پاڻي فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، سيڪريٽري ارسا پنجاب حڪومت کي پاڻي دستيابي جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو، ارسا ذريعن موجب ارسا جي منظوري بعد پنجاب حڪومت ستلج درياءَ جي سليمانڪي هيڊ ورڪس کان چولستان کي آباد ڪرڻ لاءِ نئون ڪئنال ڪڍندي، ارسا اختيارين موجب چولستان ڪئنال منصوبي لاءِ 4 لک 50 هزار ايڪڙ فوٽ پاڻي دستياب هوندو، ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر احسان لغاري فيصلي تي اختلافي نوٽ لکيو آهي، احسان لغاري لکيو ته سيڪريٽري ارسا پاران چولستان منصوبي کي پاڻي جي فراهمي جي منظوري سان متفق ناهيان، سيڪريٽري ارسا پاران پنجاب حڪومت کي پاڻي دستيابي جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ سنڌ سان نا انصافي آهي، سنڌ جي ميمبر چيو ته چولستان منصوبي لاءِ پاڻي ڏيڻ سان سنڌو درياهه جو پاڻي گهٽ ٿيندو، سيڪريٽري ارسا جنهن پاڻي دستيابي جو ذڪر ڪيو آهي اهو صرف درياهه ستلج جو نه آهي، سليمانڪي هيڊورڪس کان لنڪ ڪئنال ذريعي پاڻي کنيو ويندو.واضح رهي ته گرين پاڪستان منصوبي تحت ڀڙڀانگ چولستان کي آباد ڪرڻ لاءِ ڪئنال ڪڍيو پيو وڃي، جنهن خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاجن جو سلسلو هلندڙ آهي.