وفاق جي پنسارين کي ھٿ آيل “ڊجيٽل” هريڙ

0
46
پاڻيءَ تي ڌاڙيواليءَ جي نئين واردات

سنڌ حڪومت سميت سمورين سياسي، سماجي ڌرين ۽ سول سوسائٽيءَ جي اعتراضن باوجود وفاقي حڪومت ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي ان جا نتيجا به پڌرا ڪيا ويا آهن. هميشه جيان پنجاب کي اڌ کان وڌيڪ وسيلن جو حقدار بنائڻ لاءِ آدمشماريءَ ۾ اڌ کان وڌيڪ آبادي پنجاب جي ڄاڻائي وئي آهي، ڇو ته مالياتي وسيلن جي ورڇ واري فارمولي ۾ اهم اهڃاڻ آبادي ئي  آهي. چيف سينسس ڪمشنر طرفان پڌري ڪيل نتيجن موجب، پاڪستان جي ڪل آبادي 24 ڪروڙ، 95 لک آهي، جڏهن ته پنجاب جي آبادي 12 ڪروڙ، 74 لک، 74 هزار، 802، سنڌ جي آبادي 5 ڪروڙ، 79 لک، 31 هزار، 907، خيبر پختونخوا جي آبادي 3 ڪروڙ، 98 لک، 23 هزار، 138، بلوچستان جي آبادي 2 ڪروڙ، 19 لک، 77 هزار. 474 آهي. وفاقي گاديءَ واري شهر اسلام آباد جي آبادي 23 لک، 59 هزار، 422 ڄاڻائي ويئي آهي. چيف سينسس ڪمشنر ڊجيٽل آدمشماريءَ تي واريل اعتراضن کي “سياسي” قرار ڏيندي آدمشماريءَ جي نتيجن جو اعلان ڪيو.

وفاق جي پنسارين کي “ڊجيٽل” هريڙ هٿ اچي ويئي آهي، جنهن جو اهي “فخريه پيشڪش” طور نماءُ ڪندا رهن ٿا. ڪڏهن انهن تي اليڪشن چورائڻ لاءِ آر ٽي ايس سسٽم جو ڀوت سوار ٿئي ٿو، ڪڏهن چونڊن ۾ ڌانڌليءَ جي منصوبا بندي ڪندي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اِي وِي ايم) جي استعمال لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائين ٿا ته ڪڏهن وري سمورن حقيقي اعتراضن کي ليکي ۾ نه آڻيندي تڪراري “ڊجيٽل آدمشماري” ڪرائي ٿا ڇڏين. اسان اڳ به هنن ئي ڪالمن ۾ اهو چوندا رهيا آهيون ته جڏهن نيتن ۾ فتور هجي ته ڪو به سسٽم (ڊجيٽل ئي ڇو نھ ھجي) صحيح ڪم نه ڪندو آهي. ڊجيٽل آدمشماريءَ تي ڪنهن کي اعتراض آهي! پر جنهن طريقي سان اها آدمشماري ڪئي ويئي آهي، صوبن جي اعتراضن کي اڻ ٻڌو ڪيو ويو آهي، اصل تڪرار اهو آهي. ڊجيٽل آدمشماري جو مطلب صرف ڊجيٽل ڊوائس/ٽيبليٽس استعمال ڪرڻ آهي؟ ڳڻپ جو باقي طريقهء ڪار، جنهن ۾ نادرا جي ڪمپيوٽرائيزڊ رڪارڊ/ ڪمپيوٽرائيزڊ قومي شناختي ڪارڊ سميت ٻيا لوازمات ضروري نه آهن؟ بنا تصديق جي، آدمشماري ڪيئن ويساهه جوڳي آهي؟ سنڌ ته هميشه اهڙي قسم جي رٿابنديءَ جو وڌيڪ نشانو بڻجندي رهي آهي. اڳ ۾ ئي لکين ڌارين کي سنڌ ۾ قومي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيئي سنڌ قوم جو تشخص خطري هيٺ آندو ويو آهي. غلط ڳڻپ سبب سنڌي قوم کي اقليت ۾ ظاهر ڪرڻ جي سازش ٿيندي رهي آهي. هونئن ته هاڻوڪي “جيٽل آدمشماريءَ” سميت ملڪ ۾ 7 ڀيرا آدم ڳڻپ ٿي چڪي آهي. آئين مطابق اها ڳڻپ هر ڏهن سالن کانپوءِ ٿيڻي آهي. شروعاتي چئن آدمشمارين (1951ع، 1961ع، 1972ع، 1981ع) کي ڇڏي باقي آدم ڳڻپ وقت تي نه ٿي آهي. پنجين آدم ڳڻپ جيڪا 1991ع ۾ ٿيڻي هئي، اها 7 سال دير بعد 1998ع ۾ ڪرائي ويئي ۽ ڇهين آدم ڳڻپ ته 19 سالن جي وٿيءَ کان پوءِ 2017ع ۾ ڪرائي ويئي. ستين آدمشماري، جيڪا 2027ع ۾ ٿيڻي هئي، اها آخر ڪهڙي ثواب خاطر پنج سال اڳ ۾ ڪرائي ويئي آهي؟ ظاهر آهي خدشا ته پيدا ٿيڻ فطري آهن ۽ مٿان وري طريقهء ڪار به درست نه هجي، صوبن جي اعتراضن کي بھ نھ ٻڌو وڃي تھ اھڙي آدم ڳڻپ ڪيئن قبوليت جوڳي ھوندي؟

سنڌ جي سمورين سياسي ۽ سماجي ڌرين ڊجيٽل آدمشماريءَ کي رد ڪري ڇڏيو آھي، سنڌ حڪومت بھ ان آدم ڳڻپ تي اعتراض واريا آھن، توڙي جو سنڌ جي حڪمران جماعت وفاقي حڪومت ۾ بھ حصيدار آھي، ان کان سواءِ آدم ڳڻپ ڪندڙ عملو بھ سنڌ حڪومت جو ھو، سنڌ جا حڪمران وفاق سان ان وقت ئي معاملو اٿاري ٿي سگھيا، پر ان معاملي کي ايترو سنجيدھ نھ ورتو ويو. پوءِ جڏھن سڄي سنڌ ھڪ پاسي ٿي اٿي بيٺي تھ سنڌ حڪومت بھ آدمشماري نھ قبولڻ جو اعلان ڪيو. جيئن تھ ھي معاملو سنڌي قوم جي تشخص، قومي وجود ۽ بقا، وسيلن ۾ حصي ۽ چونڊيل ايوان ۾ نمائندگيءَ سان لاڳاپيل آھي، ان ڪري اسان اھا گھر ڪرڻ ۾ حقي واجبي آھيون تھ آدمشماريءَ جا نتيجا رد ڪري 2027ع ۾ نئين سر آدمشماري ڪرائي وڃي. سنڌ حڪومت کي اھو معاملو آئيني فورمن تي اٿارڻ گھرجي. سنڌ سان نا انصافيءَ تي خاموش رھي، وفاق ۾ اقتدار سان چُھٽيل رھڻ بدران سنڌ جا مفاد مقدم ھجڻ گھرجن.