اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا 4 سي ڊي اي ميمبرن جي مقرري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، بورڊ فعال ٿي ويو. اليڪشن ڪميشن جي اجازت بعد ڪابينا سي ڊي اي بورڊ ميمبرن جي مقرري سرڪيوليشن ذريعي منظور ڪئي وئي آهي. ذريعن مطابق اسٽيبلشمينٽ ڊويزن وزيراعظم جي منظوري حاصل ڪرڻ کان پوءِ سمري جاري ڪئي. طاهر نعيم اختر ميمبر فنانس، ڊاڪٽر اصغر نعيم ميمبر پلاننگ، طلعت محمود ميمبر ايڊمن ۽ صبا عاصم کي ميمبر انوائرمينٽ مقرر ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جي هدايت تي سي ڊي اي ميمبرن کي کي هٽايو ويو هو،