حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا جي اڪثريت خيبرپختون خواهه ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي حمايت ڪري ڇڏي، حڪومت ڪي پي ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ کان اڳ پيپلزپارٽي، قومي وطن پارٽي ۽ اي اين پي سان مشاورت جو فيصلو ڪيو آهي، ذريعن موجب قانون واري وزارت ۽ اٽارني جنرل وفاقي ڪابينا کي ڪي پي ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي راءِ ڏني، ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ رڳو هڪ ايجنڊه تي غور ٿيو، سياسي اتحادين ۽ اسٽيڪ هولڊرز کي اعتماد ۾ وٺي گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو.