اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ اڱاري ڏينهن شام جو ٿيندو، ڪابينا جي اجلاس ۾ 5 نقاطي ايجنڊا تي غور ٿيندو، اي سي سي کان پوءِ گيس قيمتن ۾ اضافي جي منظوري وفاقي ڪابينا کان وٺڻ جو مامرو به ايجنڊا ۾ شامل آهي، ڪابينا کي آءِ ايم ايف پروگرام لاءِ طئي ٿيل شرطن تي پيش رفت جي جائزي بابت به آگاهه ڪيو ويندو، اجلاس ۾ ملڪي معاشي ۽ سياسي صورتحال جو به جائزو ورتو ويندو، ملڪ اندر ڪجهه ڏينهن پهريان ٿيل بجلي جي بليڪ آئوٽ بابت رپورٽ پيش ٿيندي، توشا خانا بابت بين الوزارتي ڪاميٽي جي رپورٽ تي به غور ٿيندو.