اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نگران وزير اعظم انوارالحق ڪاڪڙ وفاقي ڪابينا جو اجلاس طلب ڪري ورتو. اجلاس ۾ ٻه نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو. نگران وزير اعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ نگران وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ 4 وڳي وزير اعظم هائوس ۾ ٿيندو. اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطه ڪاميٽي ۽ قانونسازي واري ڪابينا ڪاميٽي جي فيصلن جي منظوري ڏيندي. معاشي ۽ امن مان جي صورتحال جو به ڪابينا اجلاس ۾ جائزو ورتو ويندو.