اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو، ذريعن موجب نگران وزيراعظم پاران وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ طلب ڪيو ويو آهي، نگران وزيراعظم جي صدارت ۾ اجلاس اڄ شام ساڍي 4 وڳي ٿيندو، اجلاس ۾ ملڪ اندر امن امان جي صورتحال تي غور ڪيو ويندو، معاشي ۽ اقتصادي صورتحال تي غور ٿيندو، نگران وزيراعظم پنهنجي غيرملڪي دورن تي ڪابينا کي اعتماد ۾ وٺندو.