وفاقي ڪابينا توانائي شعبي ۾ وڏو قدم کڻندي 5 آءِ پي پيز سان معاهدا رد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي
وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پهرين مرحلي ۾ 5 آءِ پي پيز سان بجلي خريد ڪرڻ جا معاهدا ختم ڪري رهيا آهيون، بجلي جي واهپيدارن کي ان سان ساليانو 60 ارب روپين جو فائدو ٿيندو
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 5 آءِ پي پيز سان معاهدا ختم ڪرڻ سان قومي خزاني ۾ 411 ارب روپين جي بچت ٿيندي، ڪجهه آءِ پي پيز پنهنجو نفعو کائي چڪا آهن، هنن عوام کي ڇا ڏنو آهي، ٻئي مرحلي ۾ ٻين آءِ پي پيز سان به معاهدن تي نظرثاني ڪندي بجليءَ جو ٽيرف گهٽائينداسين
هن چيو ته آءِ پي پيز رضاڪاراڻا طور معاهدا ختم ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو، وفاقي ڪابينا انهن آءِ پي پيز جي ٿورائتي آهي، صبر ۽ سهپ سان ڏکيائيون برداشت ڪرڻ تي عوام جا ٿورائتا آهيون
وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ پٿردل حڪمران چيو ته مهانگائي سان منهنجو ڪو به تعلق نه آهي، اسان ائين نه ڪنداسين، عوام سان ڪيل وعدن تي قائم آهيون