ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي چيمبر آف ڪامرس ۾ ڏڦير : هڪ ڌڙي پارا ن تنظيم جا 2 ڪروڙ عمران خان کي چندي طور ڏيڻ ۽ اليڪشن نه ڪرائڻ جو الزام:  آرمي چيف کان چيمبر آف ڪامرس جي صدر کي گرفتاري ڪري فنڊن جي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو ، ڪالهه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس  ڪندي يونائيٽڊ بزنس فورم جي اڳواڻن دورا خان اچڪزئي، خالد تواب، احمد چنائي، بلڊر حنيف گوھر ۽ ٻين ايف آءِ اي کان چيمبر آف ڪامرس کي ملندڙ فنڊن جي جاچ جو مطالبو ڪيوآهي، هنن چيو ته واپاري برادري مسئلن جو شڪار آھي، انهي جو بنيادي سبب اهو آهي ته هاڻي چيمبر آف ڪامرس جي ڪا اھميت ناھي رھي، هن وقت اسان جي تنظيم ۾ ڏڦيڙ پيدا ٿي ويو آھي،  فيڊريشن جا فنڊ ھڙپ ڪيا ويا آھن، اسان آرمي چيف کان مطالبو ٿا ڪريون ته چيمبر آف ڪامرس جي موجوده صدر کي گرفتار ڪري فنڊن جي  ايف آءِ اي کان جاچ ڪرائي وڃي،