اسلام آباد(م ڊ) وفاقي وزيرخرم دستگير خان وفاقي حڪومت جي سوشل ميڊيا قانون جي مخالفت ڪندي ان کي روڪڻ لاءِ وزيراعظم سان ڳالهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم چين جي دوري تان واپس اچي ويو آهي کيس درخواست ڪندس ته سوشل ميڊيا ايڪٽ واپس ورتو وڃي، سوشل ميڊيا تي ڪنٽرول جا اڳ ۾ ئي قانون موجود آهم اهو معاملو حل ڪيو وڃي. هن چيو ته آئين تحت حاصل آزاديون ۽ پابنديون برقرار رهڻ گهرجن ان تي عمل نه ڪرڻ گهرجي.