حيدرآباد: قومي ڪٺ ۾ پاس ڪيل قرارداد ۾ ملڪ جي وفاقي وزيرن خواجه آصف ۽ عطا تارڙ طرفان ست ڪروڙ سنڌين کي ڏنل ڌمڪين جي سخت لفظن ۾ مذمت چتاءُ ڏنو ويو ته ھو سنڌي قوم جي توھين ڪرڻ بند ڪن. پ پ پ طرفان ڪئنالن خلاف نڪتل جلوسن کي منافقت ۽ ٽوپي ڊرامو قرار ڏيندي صلاح ڏني وئي ته جيڪڏھن پ پ واقعي به سنڌي قوم سان سچي آھي ۽ ڪئنالن جي خلاف آھي ته پوءِ فوري طور تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن مان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري، اجتماع ۾ گرين انيشيٽو جي نالي تي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين تي ناجائز قبضي جي شديد مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ خريف جي فصل جي پاڻي واري ڪوٽا تي عمل ڪندي فورن سنڌ کي پاڻي ڏنو وڃي.