اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پلڊاٽ پهرين پارلياماني سال جي پڄاڻي تي پارليامينٽ ۾ وزيرن جي موجودگي ۽ ڪارڪردگي بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. پارلياماني ڪارڪردگي ۾ قانون وارو وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ پهرين ۽ بچاءَ وارو وزير خواجه آصف ٻئي نمبر تي رهيو. وفاقي وزير احد چيما جي ڪارڪردگي خراب رهي. احد چيما پارليامينٽ ۾ صرف هڪ منٽ ڳالهايو. محسن نقوي خراب ڪارڪردگي جي لحاظ کان ٻئي نمبر تي رهيو. ڪارڪردگيءَ جي لحاظ کان وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ سڀ کان وڌيڪ موثر ڪابينا ميمبر رهيو، اعظم نذير تارڙ پارليامينٽ جي ڪارڪردگي جي لحاظ کان پهرين نمبر تي آهي. ايوان ۾ حاضري ۽ سڀ کان وڌيڪ ڳالهائڻ ۾ به اعظم نذير تارڙ پهرين نمبر تي آهي، اعظم نذير تارڙ 38 حڪومتي بلن جي منظوري ڪرائي، ان ۾ آئيني ترميم بل ۽ اهم قانون سازي به شامل آهي. اعظم نذير تارڙ 157 مان 89 اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي ۽ 17 ڪلاڪ 18 منٽ ڳالهايو. پارلياماني ڪارڪردگيءَ جي لحاظ کان خواجه آصف ٻئي نمبر تي رهيو، هن 69 اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي ۽ 5 ڪلاڪ 41 منٽ تقرير ڪئي. عطاءُ الله تارڙ حاضري جي لحاظ کان پنجين نمبر تي ۽ ڳالهائڻ جي لحاظ کان ٽئين نمبر تي آهي. عطا تارڙ 4 ڪلاڪ 29 منٽ پارليمينٽ ۾ ڳالهايو. پارلياماني ڪارڪردگيءَ جي حوالي سان گهرو وزير محسن نقوي ۽ احد چيما سڀ کان هيٺين سطح تي رهيا. پارليامينٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ خراب ڪارڪردگي احد چيما جي رهي. احد چيما حاضري جي لحاظ کان 17 هين ۽ ڳالهائڻ جي لحاظ کان 19 هين نمبر تي آهي. احد چيما قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي 157 اجلاسن مان صرف 9 ۾ شرڪت ڪئي ۽ احد چيما ايوان ۾ مشڪل سان منٽ ڳالهايو، محسن نقوي حاضري جي لحاظ کان 16 هين ۽ ڳالهائڻ جي لحاظ کان 18 هين نمبر تي آهي. گهرو وزير محسن نقوي پارليامينٽ ۾ رڳو 12 منٽ ڳالهايو. محسن نقوي 157 مان صرف 10 اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي، پلڊاٽ موجب ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب حاضري جي لحاظ کان 12 هين نمبر تي رهيو پر هن 2 ڪلاڪ 45 منٽ تقرير ڪئي ۽ ڳالهائڻ جي لحاظ کان چوٿين نمبر تي رهيو. عليم خان حاضري جي لحاظ کان اٺين نمبر ۽ ڳالهائڻ جي لحاظ کان 13 هين نمبر تي رهيو، احسن اقبال حاضري جي لحاظ کان 14 هين ۽ ڳالهائڻ جي لحاظ کان 12 هين نمبر تي آهي. علي پرويز ملڪ حاضري جي لحاظ کان چوٿين ۽ ڳالهائڻ جي لحاظ کان نائين نمبر تي آهي. امير مقام حاضري جي لحاظ کان ڇهين ۽ ڳالهائڻ جي لحاظ کان ڏهين نمبر تي آهي. چوڌري سالڪ حاضري ۽ ڳالهائڻ جي لحاظ کان 15 هين نمبر تي رهيو. خالد مقبول صديقي حاضري جي لحاظ کان ستين ۽ ڳالهائڻ جي لحاظ کان 17 هين نمبر تي آهي. اهڙي ريت حاضريءَ جي لحاظ کان ڄام ڪمال نائين ۽ ڳالهائڻ جي حساب سان ٻارهين نمبر تي آهي. اسحاق ڊار حاضري جي لحاظ کان تيرهين ۽ ڳالهائڻ جي لحاظ کان پنجين نمبر تي آهي. اسحاق ڊار اجلاسن ۾ ٻه ڪلاڪ 45 منٽ ڳالهايو.  مصدق ملڪ حاضري جي لحاظ کان يارهين ۽ ڳالهين جي لحاظ کان ڇهين نمبر تي آهي. رانا تنوير حاضري ۾ چوٿين ۽ ڳالهائڻ ۾ اٺين نمبر تي رهيو. اويس لغاري حاضري ۾ ڏهين ۽ ڳالهائڻ جي حوالي سان اٺين نمبر تي رهيو. اويس ايوان ۾ 2 ڪلاڪ 9 منٽن تائين ڳالهايو. شزه فاطمه خواجه حاضري ۾ ستين ۽ ڳالهائڻ ۾ چوڏهين نمبر تي آهي. پلڊاٽ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي ڪابينا ۾ 18 وزير ۽ 2 مملڪتي وزير شامل آهن. ڪابينا ۾ صرف هڪ عورت مملڪتي وزير آهي جڏهن ته ڪو به غير مسلم ڪابينا جو حصو ناهي.