وفاقي نوڪرين ۾ سنڌ سان ناانصافي

0
51
وفاقي نوڪرين ۾ سنڌ سان ناانصافي

9 فيبروري واري ڏينهن فيس بڪ مونکي 14 سال اڳ ڪيل هڪ پوسٽ ياد ڪرائي، جيڪا پوسٽ منهنجي سنڌ سان وفاقي ملازمتن ۾ ٿيندڙ ناانصافين تي ٻڌل هڪ تفصيلي تحقيقي اسٽوري تي ٻڌل هئي. جيئن اها پوسٽ اکين اڳيان آئي، ڄڻ ته سڪتو طاري ٿي ويو. دل بي چين ٿي  وئي هئي. جڏهن به مونکي بي چيني ورائيندي آھي، تڏهن مان خاموش ٿي ويندو آھيان ۽ اندر جي بيچيني جو اظهار نه ڪري سگهندو آھيان پر من ۾ ماتم ٿيندي محسوس ٿيندو آھي. 9 فيبروري واري ڏينهن به مون مٿان بي چيني طاري ٿي وئي هئي. سخت پيڙا  اهو سوچي محسوس ٿي رهي هئي ته چوڏهن سال اڳ جيڪا سنڌ سان ناانصافي ٿي رهي هئي، اها انهيءَ زور ۽ شدت سان هن وقت به جاري آھي. سنڌ جي نمائيندگي جا دعويدار چونڊيل نمائيندا ۽ سنڌ جا حڪمران 14 سال اڳ به سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافي کي ٻنجو ڏيڻ ۾ ناڪام بڻيل هئا، هاڻي به ناڪام بڻيل آھن. سنڌ ۽ سنڌ واسين کي سنڌ جي نمائيندن جون سکڻيوڻ ڳالهيون، دعوائون ئي عرصي کان نصيب ٿي رهيون ۽ سنڌ جي آئيني، قانوني حقن کان محرومي جو داستان طويل ٿيندو پيو وڃي. سنڌ مٿان  ڏکين حالتن جي دور جي ڄڻ ته پڄاڻي ئي نه ٿي رهي آھي .

اوهان کي ٻڌايان ته مان وفاقي ملازمتن ۾ صوبائي ڪوٽا جي جائزي تي ٻڌل تحقيقي رپورٽون ته مسلسل ڏيندو رهيو آھيان پر 14 سال اڳ وفاقي ملازمتن ۾ صوبائي ڪوٽا واري اسٽوري ليڊ باڪس شايع ٿيڻ بعد مون فيس بڪ تي به شيئر ڪئي هئي، جنهن رپورٽ ۾ اهو انڪشاف ڪيو هيو ته وفاقي ملازمتن ۾ سنڌ ٻهراڙي جي مقرر ڪوٽا کان وفاق ۾ 35 هزار ملازمتون گهٽ ڏنيون ويون آھن. انهيءَ رپورٽ جا مون وٽ سرڪاري دستاويز اڃان به موجود آھن. 14 سالن بعد 29 ڊسمبر 2024 تي منهنجي  وفاقي ملازمتن ۾ صوبائي ڪوٽا بابت اسٽوري روزاني پنهنجي اخبار ۾ شايع ٿي. انهي اسٽوري ۾ به ٻهراڙي سنڌ کي مقرر ڪوٽا کان 35 هزار ملازمتون گهٽ مليل هجڻ جو انڪشاف ٿيو .

وفاقي حڪومت پاران  تازو ئي جاري ڪيل رپورٽ ۾ وفاقي ملازمتن ۾ مقرر صوبائي ڪوٽا ۾ سڄي ملڪ اندر سڀ کان وڌيڪ سنڌ ٻهراڙي جي ڪوٽا نظر انداز ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، جڏهن ته ٻئي نمبر تي بلوچستان جي ڪوٽا جي لتاڙ ڪندي مقرر ڪوٽا کان 10 هزار ملازم گهٽ مقرر آهن. وفاقي ملازمتن ۾ پنجاهه سيڪڙو ڪوٽا رکندڙ پنجاب ۽ اسلام آباد مان پنجاهه سيڪڙو ڪوٽا کان به 5 هزار ملازم وڌيڪ ڀرتي ٿيل هجڻ جي به رپورٽ تصديق ڪري رهي آھي. رپورٽ ۾ اهو به انڪشاف ڪيو ويو آھي ته ڪي پي ڪي صوبي مان مقرر ڪوٽا کان هڪ لک 12 هزار، شهري سنڌ مان مقرر ڪوٽا کان 8 هزار ملازم وڌيڪ مقرر ٿيل آھن. وفاقي حڪومت پاران وفاقي ملازمن بابت سال 2022-23ع جي  رپورٽ مطابق وفاقي حڪومت ۾ ڪل 9 لک 47 هزار 610 ملام ڪم ڪري رهيا آھن، جن ۾ وفاقي حڪومت ۽ ان جي ماتحت ادارن ۽ آئيني ادارن ۾ ڪم ڪندڙ 5 لک 90 هزار 585 ملازم ۽ خودمختيار، نيم خودمختيار ادارن ۽ ڪارپوريشنن ۾ 3 لک 57 هزار 25 ملازم ڪم ڪندڙ شامل آھن. 9 لک 47 هزار 610 ڪم ڪندڙ وفاقي ملازمن ۾ سنڌ ٻهراڙي لاءِ مقرر 11.4 سيڪڙو ڪوٽا جي حساب سان سنڌ ٻهراڙي مان 1 لک 7 هزار 685 ملازم مقرر هجڻ گهرجن ها پر وفاقي ملازمن ۾ سنڌ ٻهراڙي مان مقرر ٿيل ملازمن جو ڪل تعداد  72120 آھي، جنهن ۾ وفاقي حڪومت ۽ ان جي ماتحت ادارن سوڌو آئيني ادارن ۾ سنڌ ٻهراڙي مان 39811 ۽ خودمختيار ادارن ۽ ڪارپوريشنن ۾ 32309 سنڌ ٻهراڙي مان ڪم ڪندڙ شامل آھن. ان حساب سان سنڌ ٻهراڙي مان مقرر ڪوٽا کان 35 هزار 565 ملازم گهٽ مقرر ٿيل هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي. رپورٽ ۾ ڄاڻايل ڪم ڪندڙ ڪل وفاقي ملازمن ۾ شهري سنڌ جي لاءِ مقرر 7.6 سيڪڙو ڪوٽا جي حساب سان 71790 ملازم مقرر هجڻ گهرجن پر شهري سنڌ مان مجموعي طور تي 80145 ملازم مقرر ٿيل هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي، جن ۾ وفاقي حڪومت، ان جي ماتحت ادارن ۽ آئيني ادارن ۾ 41808، خودمختيار ادارن ۽ ڪارپوريشنن ۾ 38337 ڪم ڪندڙ ملازم شامل آھن. اهڙي ريت سنڌ شهري مان ڪوٽا کان 8355 ملازم وڌيڪ مقرر ٿيل هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي. وفاقي ملازمتن ۾ بلوچستان صوبي لاءِ 6 سيڪڙو ڪوٽا مقرر ٿيل آھي. مجموعي وفاقي ملازمن ۾ بلوچستان مان مقرر ڪوٽا جي حساب سان 56676 ملازم مقرر ٿيل هجڻ گهرجن ها پر بلوچستان مان مجموعي طور تي مقرر ملازمن جو تعداد 45906 ڄاڻايو ويو آھي، جن ۾ وفاقي حڪومت، ماتحت ادارن ۽ آئيني ادارن ۾ 29479 ۽ خودمختيار ادارن ۽ ڪارپوريشنن ۾ بلوچستان مان 16427 ملازم مقرر ٿيل شامل آهن. ان ريت بلوچستان مان مقرر ڪوٽا کان 10770 ملازم گهٽ مقرر هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي. وفاقي حڪومت جي مجموعي طور تي موجود 9 لک 47 هزار 610 ملازمن ۾ پنجاهه سيڪڙو مقرر ڪوٽا جي حساب سان پنجاب صوبي ۽ اسلام آباد مان 4 لک 72 هزار 305 ملازم مقرر هجڻ گهرجن پر پنجاب ۽ اسلام آباد مان پنجاهه سيڪڙو مقرر ڪوٽا کان به وڌيڪ 4 لک 77 هزار 771 ملازم مقرر ٿيل هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي. ائين پنجاب مان مقرر ڪوٽا کان 5466 ملازم وڌيڪ مقرر هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي. پنجاب صوبي ۽ اسلام آباد مان وفاقي حڪومت، ماتحت اداران ۽ آئيني ادارن ۾ 2 لک 72 هزار 773 ۽ خودمخيتار ادارن ۽ ڪارپوريشنن ۾ 2 لک 4 هزار 998 ملازم مقرر ٿيل ڄاڻايا ويا آھن. وفاقي ملازمتن ۾ ڪي پي ڪي صوبي جي 11.5 سيڪڙو ڪوٽا مقرر ٿيل آھي. وفاقي ملازمن ۾ ڪي پي ڪي صوبي مان 1 لک 8 هزار 630 ملازم مقرر ٿيل هجڻ گهرجن پر ڪي پي ڪي صوبي مان جاري ڪيل رپورٽ مطابق 2 لک 20 هزار 647 ملازم مقرر هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آھي، جنهن سان ڪي پي ڪي صوبي مان مقرر ڪوٽا کان 1 لک 12 هزار 17 ملازم وڌيڪ مقرر ٿيل هجڻ جي تصديق ٿي ٿي. ڪي پي ڪي صوبي مان وفاقي حڪومت، ماتحت ادارن ۽ آئيني ادارن ۾ 1 لک 67 هزار 25 ملازم ۽ خودمختيار ادارن، ڪارپوريشنن ۾ 53 هزار 622 ملازم مقرر ٿيل ٻڌايا ويا آھن.

هتي اهو واضح ڪندو هلان ته سنڌ سان وفاقي ملازمتن ۾ ناانصافي ڪا 14 سالن کان نه هلندڙ آھي. اها ناانصافي ملڪ جي عمر جيتري پراڻي آھي. اڄ جيڪا ايم ڪيو ايم پاڻ کي اردو ڳالهائيندڙن جي نمائيندا پارٽي پئي سڌائي ۽ ڪوٽا سسٽم جي سخت مخالفت پئي ڪري، سڀ کان پهريان ملڪ جي قيام وقت ڪوٽا اردو ڳالهائيندڙن لاءِ مقرر ڪئي وئي هئي. نه رڳو ايترو، ورهاڱي وقت لڏي آيل ماڻهن پاڻ کي جيترو تعليم يافته ٻڌايو، انهن جي اوتري تعليم تسليم ڪري کين نوڪريون ڏنيون ويون، ڪليمن ۾ جايون زمينون به انهن جي حصي ۾ آيون.

سنڌ ۾ صدين کان رهندڙن جي اها بدنصيبي رهي آھي ته سنڌ جي نمائيندگي جي دعوا ڪندڙ جيڪي به آيا آھن، اهي سنڌ سان زيادتين ۽ ناانصافين کي ختم ڪرائڻ ۾ ته ڪامياب نه ٿيا آھن پر انهن کي سنڌ سان ناانصافين ۾ گهٽتائي آڻڻ جيتري به ڪاميابي نه ملي سگهي آھي. نتيجي ۾ سنڌ ۽ سنڌ واسين کي هن وقت تائين نمائيندگي جون دعوائون ئي نصيب ٿيون آھن  .