اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي سيڪريٽري اطلاعات ظهور احمد جي نالي تي ڊجيٽل فراڊ جو انڪشاف ٿيو آهي، ٺڳ شخص پاڻ کي وفاقي سيڪريٽري ڄاڻائي ماڻهن کان رقم طلب ڪندو رهيو. ٺڳ شخص مختلف کاتن جي ماڻهن کي ڪالز ڪري مختلف طريقن سان رقم جو مطالبو ڪيو، ظهور احمد جعلي وفاقي سيڪريٽري اطلاعات متعلق خبردار ڪري ڇڏيو آهي. گريڊ 21 جي آفيسر کاتي جي عملدارن ۽ ملازمن کي ڄاڻايل ٺڳ واري مامري متعلق آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن مطابق جعلسازي وارو مامرو انڪوائري جي لاءِ ايف آءِ اي سائبر ڪرائم کي اماڻيو ويو آهي. وفاقي سيڪريٽري پاران موبائيل نمبر به ايف آءِ اي کي فراهم ڪيا ويا آهن.