ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي سرڪار پاران سنڌ ۾ اهم شاهراهن جي تعمير جلد شروع ڪرڻ جو فيصلو، ڪالهه ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ وڏي وزير سيد مراد شاهه ڄامشورو کان سيوهڻ تائين انڊس هاءِ وي کي مڪمل ڪرڻ وارو مامرو اٿاريو. ھن وفاقي وزير کي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت گهڻو وقت اڳ انڊس هاءِ وي جي تعمير لاءِ 7 ارب رپيا جاري ڪري ڇڏيا آھن. جنهن تي ناڻي واري وزير يقين ڏياريو ته سنڌ ۾ پي ايس ڊي پي رٿائن لاءِ فنڊنگ جلد جاري ڪئي ويندي، ملاقات ۾ ملڪ جي معاشي مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ملڪي معيشت جي بهتريءَ لاءِ موثر اپاءَ وٺي رھي آهي.