وفاقي سرڪارسهولتن جي کوٽ واري پي ٽي آءِ باني جي بيان جي ترديد ڪري ڇڏي

0
36
وفاقي سرڪارسهولتن جي کوٽ واري پي ٽي آءِ باني جي بيان جي ترديد ڪري ڇڏي
وفاقي سرڪارسهولتن جي کوٽ واري پي ٽي آءِ باني جي بيان جي ترديد ڪري ڇڏي

وفاقي سرڪار وڪيلن تائين پهچ نه ڏيڻ ۽ سهولتن جي کوٽ واري پي ٽي آءِ باني جي بيان جي ترديد ڪري ڇڏي

 وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ باني جي بيان جي ترديد لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ اضافي دستاويز ۽ تصويرون به جمع ڪرائي ڇڏيون

 حڪومت پي ٽي آءِ باني سان گهر ڀاتين ۽ وڪيلن جي ملاقاتن جي لسٽ به جمع ڪرائي ڇڏي، سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني قيدِ تنهائي ۾ هئڻ وارو موقف به غلط آهي، پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪندڙن جي لسٽ به عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي

 حڪومتي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني کي جيل ۾ ڪتاب، ايئرڪولر ۽ ٽي وي سميت سموريون سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، عدالت مناسب سمجهي ته پي ٽي آءِ باني جو بيان ۽ حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ ڪميشن به مقرر ڪري سگهي ٿي

 پي ٽي آءِ باني نيب ترميمن ڪيس ۾ گذريل ٻڌڻي دوران وڪيلن تائين رسائي ۽ ٻيون سهولتون نه ملڻ جي شڪايت ڪئي هئي