وفاقي حڪومت ۾ شراڪتدار پ پ پاڻي چوري به نٿي روڪرائي سگهي؟

0
32
ڀارت طرفان سنڌ طاس پاڻي معاهدي جي معطليءَ جو اعلان

سنڌ حڪومت پاران تڪراري تونسه-پنجند ڪئنال کولڻ تي ارسا آڏو سخت احتجاج ڪندي ان کي فوري طور بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي۔ سنڌ جي آبپاشي واري وزير، ڄام خان شورو، ٽي پي لنڪ ڪئنال بند ڪرڻ لاءِ ارسا کي احتجاجي خط لکي چيو آهي ته اپريل جي پهرين ڏهاڙي ۾ ئي سنڌ کي 62 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو آهي. ٽي پي لنڪ ڪئنال کولڻ سبب سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ وڌي ويندي، جڏهن ته هتي پيئڻ جو پاڻي به موجود ناهي، تنهن ڪري ٽي پي لنڪ کي فوري طور بند ڪيو وڃي۔ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي ترجمان شازيه مري به معاملي تي ردعمل ڏيندي چيو ته جڏهن سنڌ 62 سيڪڙو شديد پاڻي جي کوٽ جو شڪار آهي ته پوءِ تونسه- پنجند لنڪ ڪئنال ڇو کوليو ويو؟ اسان مسلسل مطالبو ڪري رهيا آهيون ته 1991ع جي پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرايو وڃي ۽ ارسا پنهنجي ذميواريون معاهدي جي تحت ادا ڪري۔ سنڌ جي زراعت، معيشت ۽ عوامي زندگي خطري ۾ آهي۔

هڪ طرف سنڌو درياءَ کي ڪينالن ۾ قيد ڪرڻ لاءِ ڪينالن تي ڪم جاري آهي، جنهن جو اعتراف پاڻي وسيلن جو وفاقي وزير قومي اسيمبليءَ ۾ سوالن جي جواب ۾ لکت ۾ ڪري چڪو آهي پر ٻئي طرف سنڌ جا “بادشاهه” اهو چئي رهيا آهن ته ڪينالن تي ڪم نه پيو هلي. سنڌ اڃاري آهي، اڃايل سنڌ پنهنجي دريا کي بچائڻ لاءِ سراپا احتجاج آهي. زراعت ته پري جي ڳالهه، ماڻهن کي پيئڻ لاءِ پاڻي به ڪونه ٿو ملي. سنڌ جي سرير ۾ صحرا سرايت ڪري چڪو آهي، سنڌ بُٺ ۽ ڀڙڀانگ بڻجي وئي آهي، جنهن جو سبب سنڌ کي پاڻيءَ جو جائز حصو نه ملڻ آهي. پنجاب واعدن ۽ معاهدن تي عمل ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهي. جيڪي فلڊ ڪئنال صرف ٻوڏ دوران وهائڻا آهن، انهن کي پنهنجي مرضيءَ سان وهائي پاڻي کڻندو رهي ٿو.

ڪئين ڏهاڪن کان سنڌ سان اهڙو سلوڪ ٿي رهيو آهي، ڄڻ اهو ڪو مفتوح علائقو هجي! ناڻي ۽ پاڻيءَ جي ورڇ ۾ نا انصافيءَ سنڌ کي مفلسيءَ ۽ برباديءَ جي تحت الثريٰ ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي. زرعي معيشت تي انحصار ڪندڙ سنڌ پاڻي نه هجڻ ڪري تباهه ٿي وئي آهي. سون اپائيندڙ زرعي زمينون تباهه ٿي ويون آهن. پنجاب 1991ع واري پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. هڪ ته پاڻي ورڇ معاهدي جي پئرا- 2 تحت نٿي ڪئي وڃي. جيڪا لپ پاڻيءَ جي ملي ٿي، ان جو وڏو حصو لفٽ مشينون رکي پنجاب ۾ ئي چوري ڪيو وڃي ٿو. سنڌ اهو چوندي رهي آهي ته ان کي حصي جو پاڻي گڊوءَ تي پهچائي ڏنو وڃي، پر ائين نٿو ڪيو وڃي. مٿان وري چشما- جهلم ۽ تونسا- پنجد ڪئنالن ذريعي، جيڪي فلڊ ڪينال آهن ۽ صرف ٻوڏ وارن ڏينهن ۾ وهائڻا آهن، سڄو سال پاڻي کنيو وڃي ٿو. ارسا جي ذميواري پاڻي ورڇ آهي، پر ارسا جي بي اختيار اختياري پنجاب اڳيان بيوس بڻيل آهي. هڪ ته سنڌ جي ماڻهن ۾ اڳ ئي نون ڪينالن خلاف شديد ڪاوڙ موجود آهي، مٿان وري پنجاب سنڌ جي احتجاج کي سنجيده وٺڻ لاءِ تيار نه آهي. ان سڄي معاملي ۾ وفاقي حڪومت جي پنجاب کي ٽيڪ حاصل آهي. توڙي جو پ پ پ به وفاقي حڪومت ۾ شراڪتدار آهي، پر اها معذرتاڻي لهجي وارن بيانن کان اڳتي وڌي ناهي سگهي، جنهن کي اها “احتجاج” ٿي سڏي. لنڪ ڪينالن جي ذريعي پنجاب پاڻي کڻي ٿو وٺي، پر سنڌ سرڪار روايتي احتجاج ۽ ليٽر بازيءَ کان اڳتي نه وڌندي آهي، جيئن هن ڀيري ڪيو ويو آهي.

پنجاب ڪوٽڙيءَ کان هيٺ پاڻيءَ کي زيان قرار ڏيندو رهيو آهي. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏڻ جي ڪري سنڌوءَ جي ڊيلٽا تباهه ٿي ويئي آهي، سمنڊ ۾ دريا جي پاڻيءَ جو ڇوڙ نه ٿيڻ جي ڪري سمنڊ لکين ايڪڙ زرخيز زمينون ڳڙڪائي ويو آهي. تمر جا ٻيلا ختم ٿي رهيا آهن، پلي ۽ جهينگن جو نسل خاتمي ڏانهن وڌي رهيو آهي. آبي معيشت تي انحصار ڪندڙ ماڻهو لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن. سمنڊ جي اڳتي وڌي اچڻ جي ڪري جر کارو ٿي ويو آهي. سنڌ جي معيشت ۽ ماحول جي تباهي ڇو ڀلا ڪنهن کي نظر نٿي اچي؟ هتي ڊيمن کي ڀرڻ لاءِ به ڪو طريقيڪار نه هوندو آهي. جڏهن سنڌ ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ هوندي آهي ته پنجاب منگلا ڊيم ڀرڻ شروع ڪندو آهي، ته متان پوءِ ڀرجي نه سگهي. جڏهن ٻوڏ واري صورتحال هوندي آهي ته اهو ڊيم جو پاڻي وري مين اسٽريم ۾ واپس ڇڏيو ويندو آهي. اسان سنڌ ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ وارن ڏينهن ۾ پنجاب پاران ڌونس ۽ داداگيريءَ سان ٽي پي لنڪ ڪينال ذريعي پاڻي کڻڻ جي عمل تي پنهنجي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪريون ٿا. اسان اها گهر ٿا ڪريون ته پنجاب کان واعدن ۽ معاهدن جي پاسداري ۽ انهن تي عمل ڪرايو وڃي. لنڪ ڪينالن ذريعي سسٽم مان پاڻيءَ جي چوري بند ڪرائي وڃي. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇڏڻ کي يقيني بڻايو وڃي، اهو انساني حقن جو مسئلو آهي. هن وقت ئي اها حالت آهي ۽ جڏهن نوان ڪينال ٺهي ويا ته سنڌ مڪمل طرح ڀڙڀانگ ۽ تباهه ٿي ويندي.