ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ڪپهه جي پيداوار ۾60 سيڪڙو تائين لاٿ ٿيڻ بعد جاڳي پئي، خانگي شعبي جي سهڪار سان 2025ع کي ڪپهه جي بحالي جو سال قرار ڏنو ويو. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب پاڪستان ۾ ڪپهه جي سالياني پيداوار 14 ملين ڳٺڙيون هئي، جيڪا گذريل سال گهٽجي 5 ملين ڳٺڙين تي پهچي آهي. زرعي ماهرن موجب ڪپهه ايڪسپورٽ ڪندڙ ملڪ هن وقت 4 ارب ڊالرن جي پرڏيهي ڪپهه درآمد ڪري رهيو آهي، اها صورتحال اربين رپين جي بجيٽ رکندڙ زراعت واري وزارت ۽ زرعي ادارن جي ڪارڪردگي تي سواليه نشان اٿاري رهي آهي، ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪپهه جي في ايڪڙ پيداوار مسلسل گهٽجي رهي آهي، جنهن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪپهه جي پيداوار وڌائڻ لاءِ نئين تحقيق ۽ بهتر ٻجن جي ضروري آهي، هن وقت چين مان ٻج گهراياوڃن، ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن في ايڪڙ پيداوار نه وڌي ته ٽيڪسٽائل سيڪٽر ۽ آبادگار نقصان کي ڀوڳيندا، جڏهن ته اربين ڊالرن جي پرڏيهي ناڻي جو نقصان به ٿيندو.