وفاقي حڪومت پشتون تحفظ موومينٽ تي پابندي لڳائي ڇڏي
وفاقي گهرو وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي ايم ملڪ دشمن بيانيي ۽ انارڪي پکيڙڻ ۾ ملوث آهي
نوٽيفڪيسن موجب پڪن ثبوتن جي روشنيءَ ۾ پي ٽي ايم تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، پي ٽي ايم ملڪ ۾ امن ۽ سيڪيورٽيءَ لاءِ خطرو آهي
وفاقي گهرو وزارت جي بيان موجب 1997ع جي دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ جي شق 11 بي تحت پي ٽي ايم تي پابندي لڳائي وڃي ٿي