وفاقي حڪومت پاران خيبر پختخونخوا ۾ گورنر راڄ لڳائڻ لاءِ اتحادين سان مشاورت جو فيصلو: ڪيستائين تشدد ڪندئو: ڪي پي اسيمبلي

0
30
وفاقي حڪومت پاران خيبر پختخونخوا ۾ گورنر راڄ لڳائڻ لاءِ اتحادين سان مشاورت جو فيصلو: ڪيستائين تشدد ڪندئو: ڪي پي اسيمبلي
وفاقي حڪومت پاران خيبر پختخونخوا ۾ گورنر راڄ لڳائڻ لاءِ اتحادين سان مشاورت جو فيصلو: ڪيستائين تشدد ڪندئو: ڪي پي اسيمبلي

اسلام آباد/پشاور (م ڊ) وفاقي ڪابينا خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ جي حمايت ڪري ڇڏي، ذريعن موجب ڪابينا اجلاس ۾ قانون جي وفاقي وزير ۽ اٽارني جنرل گورنر راڄ بابت بريفنگ ڏني، ڪابينا ميمبرز راءِ ڏني ته ڪي پي جي گنڊاپور سرڪار 2 ڀيرا وفاق تي چڙهائي ڪري گورنر راڄ جو جواز پيدا ڪيو آهي، وفاق تي چڙهائي ۾ سرڪاري ملازم ۽ مشينري استعمال ڪئي وئي، ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ٿيو ته اتحادين ۽ اسٽيڪ هولڊرز کي اعتماد ۾ وٺڻ بعد گورنر راڄ جو فيصلو ڪيو ويندو. ذريعن موجب گورنر راڄ جو مدو شروعاتي مدو 6 مهينا هوندو، حتمي فيصلو هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڪيو ويندو، هوڏانهن گورنر راڄ جي خدشي سبب وزيراعليٰ هائوس ڪي پي ۾ هنگامي اجلاس ٿيو، وزيراعليٰ ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ شريڪ ٿيا، ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي شاهه فيصل به شريڪ ٿيو، ذريعن موجب اجلاس ۾ وزيراعليٰ کي گورنر راڄ جي امڪانن بابت بريفنگ ڏني وئي، ايڊووڪيٽ جنرل آفيس وزيراعليٰ کي قانوني راءِ ڏيندي چيو ته صوبي ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جون حالتون ناهن، معاشي صورتحال، امن امان، اندروني ڏڦيڙ يا ٻاهريون خطرو ناهي، ڪرم جون حالتون جواز بڻائي گورنر راڄ لڳائڻ بنا جواز هوندو، ماضي ۾ اتر وزيرستان سميت قبائلي ضلعن ۾ ان کان وڌيڪ خراب حالتون رهيون، پر گورنر راڄ نه لڳو، ذريعن موجب آئين جي آرٽيڪل 232 کان 235 تائين ڪوئي اهڙو جواز ناهي جو گورنر راڄ لڳائي سگهجي. هوڏانهن جڏهن ته ڪي پي اسيمبلي جو هنگامي اجلاس به رات جو 9 وڳي طلب ڪيو ويو، جيڪو هڪ ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو، اسپيڪر بابر سليم سواتي چيو آهي ته آرٽيڪل 16 پرامن احتجاج جو حق ڏئي ٿو، آئين جي سربلندي لاءِ آواز اٿاريندڙن کي بيدردي سان چٿيو پيو وڃي، حڪومتي اشاري تي ادارن بربريت جي انتها ڪئي، هٿين خالي ماڻهن تي فائرنگ ڪئي وئي، مٿان گاڏيون چاڙهيون ويون، ڪي پي جي ڪيترن ئي شهيدن جا لاش لڪايا ويا آهن، نوجوانن کي غائب ڪيو ويو آهي، 24 نومبر تي پي ٽي آءِ احتجاج جو اعلان ڪيو پوري پاڪستان مان قافلا اسلام آباد پهتا، ملڪ جي ڪا به اهڙي پارٽي ناهي جنهن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، آخر اهو ڪيستائين هلندو؟ صوبي جي وڏي وزير جو گهيرو ڪري قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هو بهادري سان ڪارڪنن جي مدد سان اتان بچي نڪتو، بشريٰ کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڪي پي حڪومت پاران ڊي چوڪ مظاهرين تي تشدد خلاف 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو، وزير قانون چيو ته 27 نومبر تي پرامن احتجاج تي رياستي دهشتگردي ڪئي وئي، آفتاب عالم چيو ته حڪومت جو ڏينهن جو سوڳ 29 نومبر کان شروع ٿيندو.