وفاقي حڪومت طرفان سُپريم ڪورٽ جي فيصلي تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي، قانون جي وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته خدشا ۽ ابهام ختم ڪرڻ لاءِ فُل ڪورٽ جوڙي وڃي ها
هن چيو ته سُپريم ڪورٽ سياسي پارٽيز ۽ وڪيلن جي مطالبي تي غور نه ڪيو، اعليٰ عدليه اختلافن جي ور چڙهيل آهي
وفاقي وزير چيو ته چيف جسٽس جي ذميواري آهي ته ادار ۾ اختلاف ختم ڪري، عدالت پهرين جسٽس قاضي فائز جي بئنچ جو فيصلو رد ڪيو، بعد ۾ اُن تي 6 رُڪني بئنچ جوڙي وئي
واضح رهي ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پنجاب ۽ ڪي پي ۾ اليڪشن بابت ڪيس ۾ صدر عارف علوي جو فيصلو بحال ڪندي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي غير آئيني قرار ڏنو آهي
هي به پڙهندا
اليڪشن ملتوي ڪيس: صدر جو فيصلو بحال: عدالت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو اڏائي ڇڏيو، وڏو حڪم جاري