وفاقي حڪومت صوبائي اختيار اورانگهي هڪجهڙو نصاب لاڳو نٿي ڪري سگهي:سردار شاھ

0
268

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت صوبائي اختيار اورانگهي هڪجهڙو نصاب لاڳو نٿي ڪري سگهي، 18هين ترميم بعد صوبا پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ لاءِ خودمختيار آهن، جاري بيان ۾ ھن وڌيڪ چيو تھ سنڌ حڪومت هڪجهڙي تعليمي نصاب تي اڳ ئي خدشا ظاهر ڪري چڪي آهي، وفاق پنهنجا فيصلا نٿو مڙهي سگهي، تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود گذريل ڏينهن سڄي ملڪ ۾ پهرين کان پنجين درجي تائين هڪجهڙو تعليم نصاب لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو..