سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ملڪ اندر گيس جي تمام گهڻي لوڊشيڊنگ آهي، وفاقي حڪومت سنڌ واسين کي آئيني حق گيس فراهم ڪري، گيس تي پهريان سنڌ واسين جو حق آهي، آئين جي آرٽيڪل 158 تحت جنهن صوبي مان گيس نڪري ٿو اتان جي رهواسين جو پهريون حق هوندو آهي، گيس وارو حق حاصل ڪرڻ لاءِ هر فورم تي آواز اٿاريو آهي، سکر ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته 8 مهينن کان ڪامن آف انٽريس ۾ ڪيس پيو آهي، وڏي وزير چيو ته ملڪ اندر تمام گهڻي گيس جي لوڊشيڊنگ آهي، شهري پريشان آهن، بجلي جي به لوڊشيڊنگ جاري آهي، هڪ طرف چيو پيو وڃي ته بجلي سرپلس آهي، مٿان وري لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، وڏي وزير چيو ته 21 لک ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي گهر تعمير ڪيا ويا، وڏو وزير ٻوڏ متاثرن جي بحالي وارا انگ اکر غلط ٻڌائڻ تي پاڻ کلي پيو، وڏي وزير 13 کان 14 ڪروڙ ٻوڏ متاثر جي بحالي جو چيو جهن بعد پاڻ ئي درست ڪندي ڏيڍ ڪروڙ متاثرن جي بحالي واري منصوبي تي ڪم ڪرڻ متعلق ميڊيا کي آگاهه ڪيو، هن چيو ته سنڌ ۾ سولرائيزيشن جو ڪم جاري آهي، پاڪستان ۽ هندستان جي سرحد وٽ کپرو جي ٻن ڳوٺن کي سولرائز ڪيو هو، سنڌ حڪومت ڪراچي ۽ ڄامشورو ٻن شهرن ۾ سولر پارڪس ٺاهي رهي آهي، سستي بجلي ٺاهي گرڊ اسٽيشن کي ڏئي عوام کي فائدو فراهم ڪيو ويندو، هن جو چوڻ هو ته پارا چنار واقعي تي ڪراچي، سکر ۾ روڊ بند ڪرڻ، عوام کي مشڪلاتن ۾ مبتلا ڪرڻ بهتر ناهي، ڳالهيون ٿي رهيون آهن، پر امن احتجاج آئيني حق آهي، پر جيڪڏهن عوام کي تڪيلف پهتي ته ان کي حل ڪرڻ اسان جو ڪم آهي، سيد مراد علي شاهه چيو ته پيپلز پارٽي ملٽري ڪورٽس جي خلاف آهي، ان جي حمايت ناهي ڪئي، اهڙيون حالتون پيدا ڪيون ويون آهن ۽ اڳوڻي وزير اعظم ملٽري ڪورٽس تي زور ڏنو هو، اڳوڻي وزير اعظم جي مطالبي تي شايد ملٽري ڪورٽس قائم آهي.