اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪاري تعليمي ادارن جي ڊيلي ويجز ملازمن لاءِ وڏي خبر سامهون اچي وئي، وزيراعظم ملازمن جي مستقلي واري معاملي تي ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي. ذريعن موجب ڪاميٽي تعليم واري وزارت طرفان موڪليل سمري کانپوءِ جوڙي وئي. هن وقت گريڊ 1 کان 14 تائين جو نان ٽيچنگ اسٽاف گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڪم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته گريڊ 16 کان 17 جا استاد به مستقل ٿيڻ جا منتظر آهن.