اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ناڻي واري وفاقي سيڪريٽري امداد الله بوسال چيو آهي ته نئين مالي سال جي بجيٽ 10 جون تي ئي پيش ڪئي ويندي، قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس جي تاريخ ۾ ڦير ڦار ڪري سگھجي ٿي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته نئين مالي سال جي بجيٽ کي آءِ ايم ايف جي مشاورت سان حتمي شڪل ڏني پئي وڃي، آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان وچ ۾ ورچوئل ڳالهيون ٻيهر ٿينديون، پگھاردار طبقي ۽ صنعتي شعبي کي رليف ڏيڻ تي ڳالهيون ٿينديون، نئين مالي سان جي بجيٽ هدفن ۽ امڪاني قدمن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي، ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ کان 800 ملين ڊالر فنڊنگ 3 جون تي منظور ٿي ويندي.