اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وفاقي بجيٽ پيش، ٽيڪس سبب سولر، گاڏيون، پيٽروليم شيون، مشروبات، منرل واٽر، ڪافي، چاڪليٽ، آن لائن سامان، لگزري ايٽمز مهانگا ٿي ويندا، بجيٽ ۾ پگهارن ۾ 10 ۽ پينشن ۾ 7سيڪڙو اضافو تجويز، 175 کرب جي وفاقي بجيٽ ۾ 6501 ارب خسارو هوندو، دفاع لاءِ 2550 ارب مختص، اپوزيشن جو قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ هنگامو، عوام کي عوام دشمن قرار ڏئي ڇڏيو. تفصيل موجب قومي اسيمبليءَ ۾ ناڻي جي وفاقي وزير نئين مالي سال 26/2025 جي 6501 ارب خساري واري بجيٽ پيش ڪري ڇڏي. قومي اسيمبليءَ ۾ ڪالهه ناڻي وزير محمد اورنگزيب پاران پيش ڪيل وفاقي بجيٽ 175 کرب 73 ارب جي مجموعي حجم واري بجيٽ آهي. سال 26/2025 دوران ايف بي آر کي ٽيڪس وصولين جو حدف 14131 ارب ڏنو ويو آهي. جڏهن ته نان ٽيڪس روينيو جو حدف 5147 ارب هوندو. ائين ايف بي آر ۽ نان ٽيڪس روينيو جو مجموعي آمدني 19278 ارب ٿئي ٿي جنهن مان 8206 ارب رپيا صوبن کي منتقل ٿيندا. جنهن بعد وفاق وٽ 11072 ارب رپيا بچندا. جڏهن ته مالي سال 26/2025 دوران ڪُل خرچن جو ڪاٿو 175 کرب 73 ارب لڳايو ويو آهي جنهن ۾ جاري خرچن تي 16286 ارب لڳندا. وياج جي ادائگي لاءِ 8207 ارب رپيا رکڻ جي تجويز شامل آهي. پينشن جي ادائگي لاءِ 1055 ارب، دفاع لاءِ 2550 ارب، گرانٽ صوبن کي منتقلين جي مد ۾ 2428 ارب، مختلف سبسڊيز لاءِ 1186 ارب، سول حڪومت جي جاري خرچن لاءِ 971 ارب، هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ 379 ارب، وفاقي ترقياتي پروگرام لاءِ هڪ هزار ارب رکڻ جي تجويز شامل ڪئي وئي آهي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ 716 ارب روپيا رکيا ويا آهن. ائين پيش ڪيل مالي سال 26/2025 جي بجيٽ 6501 ارب رپين جي خساري جي بجيٽ آهي. پيش ڪيل بجيٽ تحت مختلف شعبن لاءِ ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جي فنانس بل ۾ تجويز شامل ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ سَيون ۽ شيرمال تي 18 سيڪڙو سيل ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز شامل ڪئي وئي آهي. ائين سينمائن جي اوزارن، 850 سي سي گاڏين تي به 18 سيڪڙو سيل ٽيڪس لڳائي وئي آهي. غير رجسٽرڊ ڪاروبارن خلاف به فنانس بل ۾ سخت تجويزون شامل ڪيون ويون آهن جنهن تحت غير رجسٽرڊ ڪاروبارن جا بينڪ اڪائونٽس منجمند ڪرڻ، انهن جي ملڪيتن جي منتقلي تي پابندي لڳائڻ ۽ غير رجسٽرڊ ڪاروبارن کي سيل ڪرڻ جي تجويز به شامل ڪئي وئي آهي. غير ملڪي واپارين جي ڊجيٽل آمدنيءَ تي 5 سيڪڙو ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز شامل ڪئي وئي آهي. جڏهن ته بار ڪوڊ کان سواءِ وڪرو ٿيندڙ شين کي ضبط ڪرڻ جي به تجويز شامل آهي. جڏهن ته سولر پئنلز تي 18 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز شامل ڪئي وئي آهي. ائين اِي ڪامرس پليٽ فارم تي 18 سيڪڙو سيل ٽيڪس لاڳو ٿيندي. پيٽرول، هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي اڍائي سيڪڙو ڪاربان ليوي لاڳو ٿيندي، جيڪا مالي سال 27/2026 ۾ وڌائي ڪاربان ليوي پنج سيڪڙو ڪئي ويندي. نان فائلرز لاءِ بينڪن مان رقم ڪڍرائڻ تي ايڊوانس ٽيڪس 0.6 سيڪڙو کان وڌائي هڪ سيڪڙو ڪرڻ، نان فائلرز لاءِ ملڪيتن جي منتقلي، گاڏين جي خريداري، سيڪيورٽيز ۽ ميچوئل فنڊ ۾ سرمائيڪاري، بينڪ اڪائونٽس کولرائڻ تي پابندي لاڳو تصور ٿيندي. نان فائلرز کي تجارتي ملڪيتن مان ٿيندڙ ڪرائي جي آمدني تي به واڌو ٽيڪس ڏيڻي پوندي، کين تحفن، قرضن ۽ ورهاست ۾ ايندڙ ملڪيتن جا ثبوت پيش ڪرڻا پوندا. ايندڙ مالي سال کان نان فائلرز ڪيٽيگري ختم تصور ٿيندي. بجيٽ ۾ مقامي سطح تي تيار ٿيندڙ گاڏين تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ٿيندي. فاٽا ۽ پاٽا وارن علائقن لاءِ سيلز ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. فاٽا ۽ پاٽا تي ايندڙ پنجن سالن لاءِ مرحليوار سيلز ٽيڪس 10 سيڪڙو تائين لڳائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سال ۾ هڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ پينشن حاصل ڪندڙ پينشنرن کي پنج سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪرڻي پوندي. گريڊ هڪ کان گريڊ 22 تائين سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پينشن ۾ 7 سيڪڙو اضافي جو اعلان ڪيو ويو آهي. سرڪاري ملازمن جي گهرواريءَ جي وفات کان پوءِ فيملي پينشن صرف ڏهن سالن تائين جاري رهي سگهندي. هڪ کان وڌيڪ پينشن نه ملي سگهندي. جڏهن ته رٽائرڊمينٽ کان پوءِ ٻيهر ملازمت حاصل ڪرڻ جي صورت ۾ ملازمن کي پينشن يا پگهار مان ڪا هڪ سهولت حاصل ڪرڻي پوندي. ائين 6 لک رپين کان 12 لک رپين تائين پگهار حاصل ڪندڙ پگهاردار ملازمن لاءِ ٽيڪس جي شرح 5 سيڪڙو کان گهٽ ڪري هڪ سيڪڙو ڪرڻ، 12 لک کان وڌيڪ پگهار حاصل ڪندڙن تي ٽيڪس جي رقم کي 30 هزار کان گهٽ ڪري 6 هزار ڪرڻ، 22 لک رپين تائين پگهار حاصل ڪندڙن لاءِ ٽيڪس شرح 15 سيڪڙو کان گهٽائي 11 سيڪڙو ڪرڻ ۽ اُن کان وڌيڪ پگهار حاصل ڪندڙن لاءِ به ٽيڪس شرح گهٽ ڪرڻ جي تجويز شامل ڪئي وئي آهي. 22 لک رپين کان 32 لک رپين تائين پگهار حاصل ڪندڙن لاءِ ٽيڪس شرح 25 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 23 سيڪڙو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پيٽرول، ڊيزل استعمال ڪندڙ گاڏين سان گڏ هائبرڊ گاڏين تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ٿيندي. جڏهن ته حڪومت پيش ڪيل بجيٽ ۾ توانائي شعبي جي گردشي قرض 2393 ارب کي ختم ڪرڻ لاءِ سرچارج جي صورت ۾ رقم عوام کان وصول ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي گردشي قرضن جي مد ۾ 10 سيڪڙو سرچارج وصول ٿيندي. پيش ڪيل وفاقي بجيٽ ۾ ڪارپوريٽ سيڪٽر لاءِ 20 ڪروڙ کان 50 ڪروڙ تائين آمدني حاصل ڪندڙ ڪارپوريشنن لاءِ سپر ٽيڪس جي شرح ۾ 0.5 سيڪڙو گهٽتائي ڪرڻ، تعميراتي شعبي لاءِ ملڪيتن جي خريداريءَ تي ودهولڊ ٽيڪس جي شرح 4 سيڪڙو کان گهٽ ڪري اڍائي سيڪڙو، ساڍا ٽي سيڪڙو کان گهٽ ڪري ٻه سيڪڙو ۽ 3 سيڪڙو کان گهٽ ڪري ڏيڍ سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز شامل ڪئي وئي آهي. ڪمرشل ملڪيتن، پلاٽن، گهرن جي منتقليءَ تي لاڳو ست سيڪڙو فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اسلام آباد جي حدن ۾ ملڪيتن جي خريداريءَ تي اسٽامپ پيپر ڊيوٽي 4 سيڪڙو کان گهٽ ڪري هڪ سيڪڙو ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ويو آهي. جڏهن ته وفاقي بجيٽ ۾ ڊجيٽل انوائيس تحت اليڪٽرانڪس مصنوعات تي 0.25 سيڪڙو ، ڪپڙن جي خريداري تي ٻه سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ، ايمپلي فائرز، پروجيڪٽرز، اليڪٽرانڪ ميڊيا لاءِ استعمال ٿيندڙ سامان تي به 18 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، امپورٽيڊ چاڪليٽ، ڪافي، پالتون جانورن جي خوراڪ، هر قسم جي آنلائين خريداري تي ٽيڪس لاڳو آھي جڏهن ته درآمدي سبزين فروٽن، جانورن، گوشت، دالين تي ڊيوٽي ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آھي. وفاقي بجيٽ ۾ ڊيري، ميڊيڪل ۽ سرجيڪل شعبي جي مشينري تي ٽيڪسن ۾ واڌ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. ڊيري سامان تي 3 سيڪڙو ٽيڪس تجويز ڪئي وئي آهي، جانورن جي فيڊ ۽ مشينري تي ٻه سيڪڙو واڌ جي تجويز شامل ڪئي وئي آھي، کير جي پروسيسنگ پلانٽ جي درآمد تي ٻه سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي جنهن ڪري ڏهي، گوشت، پولٽري شيڊز، مرغي، آنا، ڪينولا، سرنج، باھه وسائڻ واري سامان جا اگهه وڌي ويندا، جم جي سامان تي به ٽي کان پنج سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪئي وئي آھي، پکا به مهانگا ٿيندا، ملڪ ۾ مهانگائي جو نئون طوفان اچڻ جا امڪان پيدا ٿي ويا آھن، ناڻي وزير مطابق زرعي شعبو اسان جي معيشت جي انجڻ آهي وزير اعظم جي هدايت تحت هن سال ڀاڻ، ڪيڙي مار دوائن تي وڌيڪ ٽيڪس لاڳو نه پيو ڪيو وڃي جنهن لاءِ آءِ ايم ايف جي تعاون جا شڪر گذار آهيون. بجيٽ ۾ ڊجيٽل پليٽ فارم ذريعي حاصل ٿيدڙ آمدني تي به ٽيڪس لڳائڻ جي تجويز شامل ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ٻن ۽ ٽن ڦيٿن واري اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ نئين پالسيءَ جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن تحت ڊيزل ۽ پيٽرول تي هلندڙ گاڏين بجاءِ اليڪٽرڪ گاڏين کي هٿي وٺرائڻ کي ترجيح ڏني وئي آهي. اِن پاليسيءَ تحت گاڏين جي تياري ۽ وڪرو ڪرڻ تي هڪ سيڪڙو ليوي لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. جيڪا تيل استعمال ڪندڙ گاڏين جي وڪرو، درآمد تي انجڻ جي ساخت مطابق مختلف درجن تي لاڳو ٿيندي. جڏهن ته قومي اسيمبلي کانپوءِ سينيٽ ۾ به بجيٽ جو دستاويز پيش ڪيو ويو، اپوزيشن قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ بجيٽ دوران هنگامو ڪيو، مخالف ڌر بجيٽ کي عوام دشمن قرار ڏنو، جڏهن ته عمران جي آزادي لاءِ به نعرا لڳا ويا.