اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ بجيٽ ۾ ووٽ نه ڏيڻ لاءِ پيپلزپارٽي سان رابطو ڪري ورتو، پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر پ پ اڳواڻ راجا پرويز اشرف سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، اسد قيصر چيو ته پيپلزپارٽي جي بجيٽ بائيڪاٽ بابت بيان ٻڌا آهن، پ پ سنجيده آهي ته بجيٽ ۾ ووٽنگ بائيڪاٽ ۾ پي ٽي آءِ جو ساٿ ڏئي، راجا پرويز اشرف پي ٽي آءِ جي آڇ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سامهون رکڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته بلاول ڀٽو پارليامينٽ اچي رهيو آهي، ان معاملي تي مشاورت ڪنداسين، پ پ ايم اين اي قادر پٽيل قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو ته حڪومتي بينچز ۾ خوش فهمي آهي ته پيپلزپارٽي هر شي جي حمايت ڪندي پر هن ڀيري ائين نه ٿيندو، اسان عوام دشمن تجويزن جي ڪڏهن به حمايت نه ڪنداسين.