آءِ ايم ايف جي هدايتن تي ٺاهيل پاڪستان جي بجيٽ سال 2025-26 قومي اسيمبلي ۾ 10 جون تي پيش ڪئي وئي آهي. نامياري معاشي ماهر قيصر بنگالي جو چوڻ آهي ته “هن بجيٽ ملڪي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي”. ماڻهن کي وڏي اميد هئي ته هن سال بجيٽ ۾ عوام کي ڪجهه رليف ملندو پر انهن جي اميدن تي پاڻي ڦيريو ويو. رليف عوام جي بجاءِ سرمائيدارن، جاگيردارن ۽ واپاري ڪلاس کي مليو آهي. سماجي سائنس جي ڏاهن ماڻهن صحيح چيو آهي ته “جيڪو به ڪلاس حڪمران هوندو اهو پنهنجي ڪلاس جي فائدي لاءِ ڪم ڪندو. پنهنجي مخالف ڪلاس کي تباهه ڪري ڇڏيندو.” ان کي چئبو آهي Class contradiction موجوده بجيٽ ان ڳالهه جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. موجوده حڪومت پنهنجي ڪاميابين جو ڍنڍورو پٽي ٿي، جنهن ۾ چوي ٿي ته اسان جي پاليسين جي ڪري هن وقت مهانگائي جي شرح 5 سيڪڙو کان گهٽ آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته گذريل سالن ۾ مهانگائي جي شرح 29 سيڪڙو هئي، پوءِ گهٽ ٿي 22 کان 23 سيڪڙو تي اچي پهتي آهي، اها گهٽي ڪانهي. اڄ هي عوام کي منجهائڻ لاءِ چون ٿا ته هاڻي مهانگائي 5 سيڪڙو کان گهٽ ٿيندي، ٻين لفظن ۾ چئجي ته گذريل سالن ۾ مهانگائي جي بيٺل شرح ۽ موجوده شرح ملائي پڙهندا ته هن سال مهانگائي 28 سيڪڙو ٿيندي، نه ڪي 5 سيڪڙو کان گهٽ هوندي. ٻيو ملڪي معيشت 410 ارب ڊالر کان وڌي ويئي آهي. اها حڪومت جي ڪاميابي ڳڻائي وڃي ٿي. پر حڪومت جون ناڪاميون ڪجهه هن طرح سان آهن.
- حڪومت طرفان گذريل بجيٽ ۾ GDP گروٿ جو ٽارگيٽ 3.6 سيڪڙو مقرر هو، حاصل ٿيو 2.7 سيڪڙو.
- زراعت جي شعبي ۾ ٽارگيٽ 2 سيڪڙو مقرر هو، حاصل ٿيو 0.6 سيڪڙو. ياد رهي ته زراعت جو حصو ملڪ جي GDP ۾ 24 سيڪڙو شامل آهي. هن سال 2025ع ۾ زراعت جو GDP ۾ حصو 23.5 رهيو. پاڻي جي کوٽ ۽ ان جي صحيح ورهاست نه هجڻ جي ڪري ڪپهه 30.7 سيڪڙو گهٽ ٿي، ڪڻڪ 8.9 سيڪڙو، ڪمند 3.9 سيڪڙو، مڪائي 15.4 سيڪڙو، چانورن جي 1.4 سيڪڙو پيداوار گهٽ ٿي. ان جو سبب گذريل ڏهاڪن کان زراعت تي ڪنهن به حڪومت جو توجهه نه ڏيڻ آهي.
- وڏي صنعتڪاري وارو شعبو گذريل ٽن سالن کان 1.5 سيڪڙو گهٽ پيداوار ڏئي رهيو آهي.
- سروس سيڪٽر جو ٽارگيٽ 4.1 سيڪڙو مقرر هو جيڪو 2.9 سيڪڙو حاصل ٿيو، هتي به ٽارگيٽ پورو نه ٿيو. سروس سيڪٽر GDP جو 60 سيڪڙو هوندو آهي. ان مان اهو ظاهر ٿيو ته مٿيان ٽيئي سيڪٽر پنهنجي ٽارگيٽ تي پورا نه لٿا. آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته زراعت جي شعبي ۾ حڪومت طرفان Subsidy ڏيڻ بند ڪئي وئي آهي، جيڪا ڪڻڪ، ڪپهه، ڪمند ۽ ڀاڻن تي ڏني وڃي ٿي. حڪومت آءِ ايم ايف جي چوڻ تي عمل ڪري رهي آهي جنهن جي ڪري مکيه فصل جي پيداوار 13.5 سيڪڙو گهٽ ٿي آهي.
موجوده بجيٽ ۾ حڪومت PSDP پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام 28 سيڪڙو يعني هڪ ٽريلين روپيه گهٽ ڪري ڇڏي آهي. هي پئسه عوام جي ترقي لاءِ استعمال ٿين ٿا، جنهن ۾ هاڻي روڊ ۽ رستن تي خرچ ٿيندو باقي صحت ۽ تعليم جي شعبي تي خرچ نه ٿيندو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته عوام جي ڀلائي لاءِ رکيل پئسا PSDP ۾ ڪڏهن به مڪمل خرچ نه ڪيا ويندا آهن. وچ ۾ مني بجيٽ آڻي PSDP جي پئسن مان ڪجهه پئسا سرڪاري خرچن ۾ کپائي ڇڏيندا آهن ڇاڪاڻ ته پبلڪ کي فائدو ڏيڻو نه آهي. عوام جي ڀلائي لاءِ خرچ نه ڪرڻا آهن. ان جي ڪري معيشت جا ماهر چون ٿا ته هن سال ملڪ جا 50 سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن.
ٽيڪسن ۾ واڌ: ناڻي جو وزير چوي ٿو ته هن بجيٽ ۾ 14 ٽريلين روپيا گڏ ڪيا ويندا جن ۾ 655 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لڳايا ويا آهن. پگهاردار طبقي ۾ ڪجهه ٽيڪس گهٽ ڪيا ويا آهن، پئٽرول تي ليوي چارج وڌائي وئي آهي. جائيداد جي خريد ۽ فروخت تي ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي. ان جي باوجود ريئل اسٽيٽ جا سرمائيدار خوش نه آهن.
ٽيڪس جو طبقاتي جائزو:
گذريل مالي سال ۾ واپارين ۽ وڏن دڪاندارن 26 ارب روپين جا ٽيڪس ڏنا. ڪارپوريٽ سيڪٽر جي امير ترين سرمائيدارن 117 ارب ٽيڪس ڏنو، ننڍن سرمائيدارن 166 ارب رپين جو ٽيڪس ڏنو. سڀني کان وڌيڪ پگهاردار طبقي 400 ارب رپين جو ٽيڪس ڏنو آهي. پگهاردار طبقي کي ڪارل مارڪس پرولتاري جو نالو ڏنو هو. اهي آفيس ۾ ڪم ڪندا هجن يا فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندا هجن، اهي درحقيقت پرولتاري آهن. اندازو لڳايو ته پرولتاري طبقي ننڍن وڏن سرمائيدارن، وڏن دڪاندارن کان 1420 سيڪڙو وڌيڪ ٽيڪس ڏنو آهي. هن ملڪ ۾ جيڪو جيترو غريب آهي اهو اوترو وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪري ٿو . مارڪس جو چوڻ آهي ته، “پئسا گڏ ڪندو غريب ماڻهو، انهن پئسن تي عياشي ڪندو امير ماڻهو”.
اميرن جو ٽيڪس کان بچڻ: ٽيڪس کان آزاد Tex exemptions جيڪو سرمائيدار پنهنجي ملڪ ۾ سامان ٺاهي ٻاهر موڪلي ٿو ان جي ڪجهه شين تي ٽيڪس معاف آهي. گذريل سال 2024ع ۾ حڪومت انهن تي 3.879 ٽريلين ٽيڪس معاف ڪيو، هن سال 5.84 ٽريلين ٽيڪس معاف ڪيو آهي، گذريل سال کان هن سال 51 سيڪڙو وڌيڪ حڪومت ٽيڪس معاف ڪيو آهي. اهڙي طرح وڏو سرمائيدار ٽيڪس ڏيڻ کان بچي وڃي ٿو. يعني حڪمران طبقو پنهنجي طبقاتي ڀاءُ تي ٽيڪس معاف ڪري ڇڏي ٿو.
ملڪ تي قرض: ملڪ تي هن وقت 76007 ارب روپيه ٽوٽل قرض آهي. انهيءَ سان ملڪي بئنڪن مان کنيل قرض 24،489 ارب روپيه هو ان جي ڪري آهي ته مٿيون ۽ حڪمران ڪلاس ڪمائي گهٽ ٿو پنهنجو پاڻ تي حد کان وڌيڪ قرض کڻي خرچ ڪري ٿو. اسان هن سال 27.3 سيڪڙو جو سامان ايڪسپورٽ ڪيو، ان جي بدلي 48.6 سيڪڙو سامان امپورٽ ڪيو. آسان لفظن ۾ 27 روپيه اسان جي ڪمائي ٿي، 48 روپيا اسان خرچ ڪيوسين. گذريل 75 سالن کان هلندي هلندي اسان جو ملڪ 76000 روپين جو قرضي ٿي ويو آهي. سمجهو ته ملڪ 100 روپيه ڪمائي ٿو 80 روپيه کنيل قرض ۾ ڏئي ٿو. باقي بچيل 20 روپين مان 15 روپيا حڪمران ۽ مٿين ڪلاس جي ماڻهن تي خرچ ٿئي ٿو. رهيل 5 روپيا عوام تي خرچ ٿين ٿا. وزير خزانه کان ڪنهن صحافي سوال ڪيو ته توهان گهٽ ۾ گهٽ پگهار کڻندڙ مزدورن جي پگهار هن بجيٽ ۾ ڇو نه وڌائي آهي.
ان چيو ته سرمائيدار ناراض ٿين ٿا. ان ڪري انهن جي پگهار نه وڌائي سگهيا آهيون، يعني هيٺين ڪلاس جي مزدورن جي پگهار نه وڌائبي، ٻئي پاسي حڪمران ڪلاس لاءِ سينيٽ جي فنانس ڪميٽي فيصلو ڪري اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، سينيٽ چيئرمين، ڊپٽي سينيٽ چيئرمين جون 500 سيڪڙو پگهارون وڌائي ڇڏيون جيڪي 3 لک رپيا پگهار کڻندا هيا انهن جون 21 لکن تائين پگهارون وڌي ويون آهن. ان کانسواءِ اسيمبلي ميمبرن ۽ سينيٽ جي ميمبرن جي پگهار 4 لک مان وڌائي 8 لک ڪئي وئي، هنن جي پگهارن ۾ 100 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. جڏهن ته مزدورن جي 37 هزار پگهار ۾ هڪ روپيو به نه وڌايو ويو آهي. اهو آهي هن طبقاتي رياست جو ڪردار. ملڪ ۾ هر سال 20 لک نوجوان نوڪريون وٺڻ جي لائق ٿيندا آهن. انهن لاءِ نين نوڪرين تي پابندي لڳائي ويئي آهي. هن وقت بيروزگاري 6.3 سيڪڙو ٿي آهي. جيڪي نوجوان 15 کان 35 سالن جا آهن، انهن کي ٻهراڙي ۾ جيڪا تعليم ملي ٿي. اها ليبر مارڪيٽ جي ڊمانڊ سان ٺهڪي نٿي. ان جي ڪري ٻهراڙي جو پڙهيل نوجوان مزدوري ڪري ٿو. 15 کان 24 سالن جي نوجوانن جي بيروزگاري جي شرح 44.9 سيڪڙو آهي.
مجموعي طور تي هي ملڪ جي تازي بجيٽ جي صورتحال آهي جنهن ۾ غريب طبقي لاءِ فائدو گهٽ ۽ نقصان ٻيڻو آهي جڏهن ته اميرن، سرمائيدارن، چونڊيل نمائندن ۽ مٿين ڪلاس جي عياشين لاءِ هڪ دفعو وري کين نوازيو ويو آهي. ڪارل مارڪس چيو آهي ته “پورهيتن وٽ وڃائڻ لاءِ صرف زنجيرون آهن جڏهن ته کٽڻ لاءِ اڳيان سموري دنيا پئي آهي”. ملڪ جي پورهيت طبقي کي پنهنجي حالتن کي سڌارڻ لاءِ اٿڻو پوندو، سجاڳ ٿيڻو پوندو جيئن سرمائيدارن ۽ جاگيردارن کان جند ڇڏائي سگهجي.