اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نئين مالي سال 2025-26ع جي بجيٽ جون جي پهرين هفتي ۾ پيش ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب عيدالاضحيٰ کي نظر ۾ رکندي پارليامينٽ جو بجيٽ اجلاس وقت کان اڳ سڏائڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي. ناڻي وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين بجيٽ 5 جون کان اڳ پارليامينٽ ۾ پيش ٿي سگهي ٿي. نئين بجيٽ جي منظوري جو عمل عيد جي موڪلن کان فوري پوءِ شروع ٿيندو. ناڻي وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين مالي سال جي بجيٽ تي آءِ ايم ايف سان صلاح مشورا ڪيا ويندا. آءِ ايم ايف جو مشن مئي جي ٻئي هفتي دوران پاڪستان پهچندو. بجيٽ حدفن کي آءِ ايم ايف جي مشاورت سان حتمي صورت ڏني ويندي.