اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي بجيٽ 2025ع، 2026ع جي تياري بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ واپاري شخصيتن ۽ ماهرن سان بجيٽ تي مشاورت ڪئي وئي. وزير اعظم چيو ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ حڪومت ۽ نجي شعبي کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ايندڙ بجيٽ ۾ عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ پهرين ترجيح آهي، غريب ۽ وچولي طبقي جي مالي مسئلن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ سڀ وسيلا استعمال ڪيا ويندا. وزيراعظم وفاقي بجيٽ جي تياري ۾ برآمدات تي ٻڌل پائيدار ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته وفاقي بجيٽ تيار ڪندي نئين ملازمتن جا موقعا پيدا ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. وفاقي بجيٽ ۾ زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن ۽ هائوسنگ شعبن تي پورو ڌيان ڏنو ويندو، وزير اعظم شهباز شريف چيو ته وفاقي حڪومت جي خرچن کي گهٽائڻ لاءِ رائيٽ سائيزنگ جو عمل ايندڙ مالي سال ۾ به جاري رهندو. اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وئي ته. 2025ع، 2030ع تائين پنج سالن جو واپاري پاليسي فريم ورڪ جلد مڪمل ڪيو ويندو. اي ڪامرس فريم ورڪ پڻ مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهي، ٽيرف کي مناسب بڻائڻ بابت به منصوبه بندي ڪئي پئي وڃي، ڪاروباري شخصيتن ۽ ماهرن جي وفد حڪومتي معاشي پاليسين تي اعتماد جو اظهار ڪندي پنهنجون تجويزون ڏنيون. وزيراعظم تجويزون بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.