ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت کان وفاقي ادارن ڏانهن رهيل پاڻي رهتن جي مد ۾20 ارب رپيا گھُري ورتا، پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي پاران مڪاني ادارن ۽ واٽر بورڊ اختيارين کي وفاقي ادارن کي باضابطه خط لکڻ جي هدايت، ان ڏس ۾ وفاقي ادارن اسٽيل ملز، سوئي سدرن گئس ڪمپني، پي ايس او، ڪي پي ٽي، پاڪستان ريلويز، پي آءِ اي، نيشنل شپنگ ڪارپوريشن، پورٽ قاسم اٿارٽي، ميرين فشريز، ڪينٽونمينٽ بورڊز، ڪراچي شپ يارڊ، پاڪستان مشين ٽول فيڪٽري، ڪاٽن ايڪسپورٽ ڪارپوريشن ۽ ٻين ادارن ڪراچي واٽر بورڊ کي سال 2016ع کان وٺي پاڻي جون 20 ارب رپين جون رهتون ادا نه ڪيون آهن. ڪالهه پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي چيئرمين نثار کهڙي مڪاني ادارن واري ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ۽ واٽر بورڊ جي سربراھ کي خط لکي هدايت ڪئي آهي ته باقيدار وفاقي ادارن جي سربراهن کي خط لکي رهتن جي ادائگي لاءِ زور ڀريو وڃي، پي اي سي چيئرمين نثار کهڙي موجب پاڻيءَ جي بلن جي مد ۾ رڳو اسٽيل ملز ڏانهن واٽر بورڊ جون 10 ارب رپين جون رهتون آهن. وفاقي حڪومت 20 ارب رپين جي رهتون ادا نه ڪري سنڌ صوبي سان زيادتي ڪري رهي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت وفاقي ادارن کي پاڻيءَ جي سهولت فراهم ڪئي آهي پر اِهي وفاقي ادارا سنڌ کي رهتون ادا نه ڪري رهيا آهن. اسان وزيراعظم کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو وفاقي ادارن پاران پاڻيءَ رهتون ادا نه ڪرڻ جو نوٽيس وٺي واٽر بورڊ کي 20 ارب رپيا واپس ڪرائي، پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو وڌيڪ چيو آهي ته سنڌ کي اين ايف سي ۾ پورو حصو نه پيو ڏنو وڃي، ٻئي طرف سنڌ کي وفاقي ادارا رهتون ادا نه ڪري رهيا آهن. سنڌ سرڪار پنهنجو حق حاصل ڪرڻ لاءِ پوئتي نه هٽندي.