لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ سوئنگ جي سلطان وسيم اڪرم بابت سوشل ميڊيا تي ڪوڙي خبر تي سندس زال شنيرا اڪرم سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ پيج 12 ڪرڪيٽرن جي فهرست جاري ڪئي، جن بابت دعويٰ ڪئي وئي ته هو طلاق يافته آهن. ان فهرست ۾ وسيم اڪرم ۽ ڀارتي رانديگر انيل ڪمبلي جا نالا پڻ شامل هئا، جڏهن ته حقيقت ۾ هو طلاق يافته نه آهن. شنيرا اڪرم فوري طور تي انهيءَ ڪوڙي دعويٰ تي ردِعمل ظاهر ڪيو ۽ سوشل ميڊيا پيج کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو. هن پوسٽ کي شيئر ڪندي لکيو ته “توهان هر ڳالهه کي حقيقت کان هٽي ڪري پيش ڪريو ٿا، نه رڳو اهو پر توهان وٽ صحيح ۽ اعتماد جوڳي معلومات به ناهي.” ان کانسواءِ هن خبرن کي شيئر ڪرڻ کان اڳ ان جي تصديق جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. واضح رهي ته وسيم اڪرم جي پهرين شادي 12 آڪٽوبر 1993 تي هُما مفتي سان ٿي جيڪا 2009 ۾ بيماري سبب لاڏاڻو ڪري وئي. وسيم اڪرم 2013 ۾ آسٽريليا سان واسطو رکندڙ شنيرا سان شادي ڪئي ۽ جوڙي هڪ نياڻي جو اولاد آهي.