مٺي(رپورٽر ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري حسن پسايو هال مٺي ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف پرامن جمهوري جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان ڪريون ٿا، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنالن جي مسئلي تي گهڻو ڪري سمورين سياسي ڌرين پنهنجي پنهنجي پليٽ فارم تان ۽ خاص طور تي سنڌياڻي تحريڪ، وڪيلن، اديبن، شاعرن، استادن، هارين ۽ مزدورن جنهن مثالي جذبي ۽ نظم و ضبط سان ڪروڙن جي تعداد ۾ هن جدوجهد ۾ شريڪ ٿي ان کي اهڙي قوت بخشي جنهن جي نتيجي ۾ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت پوئتي هٽڻ تي مجبور ٿيون، ان لاءِ عوامي تحريڪ قوم کي مبارڪباد ڏئي ٿي. جيتوڻيڪ حڪمرانن طرفان ڪنهن به وقت ڪنهن به قسم جي چالاڪي يا هيراڦيري ڪرڻ جا تمام گهڻا امڪان موجود آهن، جيڪي ڪنهن حد تائين سي سي آءِ طرفان پڌرو ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ نظر اچن ٿا. تنهنڪري عوامي تحريڪ سمجهي ٿي ته هي جدوجهد ختم نه ٿي آهي، اسان کي پرامن طريقي سان نون طريقن ۽ ڍنگن سان ان کي جاري رکڻو آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ٻٻرلوء ۾ ڌرڻو جاري رکندڙ وڪيل ساٿين کي اسين جس ٿا ڏيون، وڪيل ساٿي جيڪو به فيصلو ڪندا سنڌي قوم سندن ڀرپور ساٿ ڏييندي، ان سان گڏ سنڌ حڪومت سان ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ڪئي وڃي، سنڌ حڪومت پهريان 52713 ايڪڙ سنڌ جي زمين ڪمپني کي ڏيڻ وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڳالهيون پوءِ ڪجن. ٻٻرلوءِ ڌرڻي جي وڪيل ساٿين سان عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ توڙ تائين نڀائيندي، مراد علي شاهه جيئن آدمشماري جي معاملي تي سنڌي قوم سان ويساهه گهاتي ڪئي، سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪندڙ بوگس آدمشماري سي سي آءِ مان تسليم ڪري آيو، تيئن ڪئنالن جي معاملي تي به قوم سان ساڳيو فراڊ ڪيو آهي ۽ ڪئنال ٺاهڻ جو اختيار وري به سي سي آءِ کي ڏنو ويو آهي، جتي پنجاب جي هڪ هٺي آهي، پيپلز پارٽي سي سي آءِ جو ڊرامو رچائي سنڌي قوم جي جدوجهد کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي، سي سي آئي ۾ مستقل پنجاب جي اڪثريت آهي، پنجاب يا وفاق ڪا به ايجنڊا رکندو، سنڌ جي اعتراض باوجود اها منظور ٿي ويندي، سي سي آءِ جي هن جوڙجڪ ۾ سنڌ ۽ بلوچستان وفاق يا پنجاب جو ڪو به منصوبو رد نٿا ڪرائي سگهن، سي سي آءِ ۾ سنڌي بلوچ، پٺاڻ مستقل اقليت ۽ پنجاب مستقل اڪثريت ۾ آهي، سي سي آءِ سميت سمورن وفاقي ادارن جي جوڙجڪ اڻ برابري واري ۽ متنازع آهي.. عوامي تحريڪ طرفان ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ پاڻي تي ڌاڙي خلاف اڄ 29 اپريل تي) شام جو 4 وڳي ٽنڊو الهيار ۾ شاندار ريلي ڪئي ويندي، پهرين مئي تي ڪراچي، ٺٽو، ڏيپلو ۽ ميرپورخاص ۾ ريليون ڪيون وينديون، 2 مئي تي ڏھرڪي، 3 مئي تي ريتي، 4 مئي تي دريا خان مري ضلعو نوشھروفيروز، 9 مئي تي ٻهارا، 10 مئي تي لاڙڪاڻو، 11 مئي تي مورو ۽ 18 مئي تي ڪنڊيارو ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا، سنڌياڻي تحريڪ طرفان 15 مئي کان 15 جون تائين سموري سنڌ ۾ وسيلا مارچ ڪيا ويندا. پريس ڪانفرنس ۾ عوامي تحريڪ جو مرڪزي اڳواڻ اوڀايو جوڻيجو، ايڊووڪيٽ ديال صحرائي، ايڊووڪيٽ ديوت راءِ، اي بي چارو ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.