حيدرآباد (بيورو رپورٽ) جسقم جي چيئرمين صنعان خان قريشي پنهنجي جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو آهي ته سنڌ جا وسيلا سنڌ تي خرچ ڪيا وڃن، اقتدار جي رسا ڪشي ۾ سنڌين جو ڪو به فائدو ناهي. سنڌ جا وسيلا وفاق جي نالي ۾ لُٽيا ۽ ڦريا وڃن ٿا، خوشحال سنڌ، بک ،بدحالي جو شڪار آهي. بيروزگاري، بک، بدحالي سبب سنڌ جا ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن. ڪراچي جي پرائيويٽ فيڪٽرين ۾ به سنڌي ماڻهن کي مڪمل نظرانداز ڪيو پيو وڃي جيڪو عمل ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين. ڪراچي سميت ڌاٻيجي، ٺٽو، نوري آباد، ڪوٽڙي حيدرآباد جي صنعتي زون ۾ پورهيتن جا حق کاڌا وڃن پيا. خاص ڪري سنڌي پورهيتن سان وڏيون ناانصافيون ڪيون پيون وڃن جيڪو سلسلو هاڻي بند ٿيڻ گهرجي. ٻئي طرف مرڪزي ترجمان ديدار شام پاران پڌرو ڪيو ويو آهي ته سنڌ پوليس بدامني ۽ منشيات جو خاتمو ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آهي. دادو پوليس جسقم ضلعي صدر منصور جمالي کي گرفتار ڪري اي ٽي سي نوشهروفيروز ۾ چالان ڪري جيل حوالي ڪيو ويو آهي. لاڙڪاڻي پوليس جسقم ضلعي چيف آرگنائيزر عزيزالرحمان شيخ مٿان بنا جواز جي ڪيس داخل ڪيو ويو جنهن عملن جي مذمت ڪجي ٿي. مرڪزي پڌرائي ۾ منصور جمالي کي آزاد ڪرڻ ۽ عزيز شيخ تان ڪوڙا ڪيس ختم ڪرڻ جي گهُر ڪئي وئي آهي.