ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر ) مقبول باقر  چيو آهي ته منهنجو نگران صحت واري وزير سان ڪو به تڪرار ناهي. اسان جي نگران سرڪار روبوٽن جي خريداري جي منظوري ناهي ڏني ۽ نه ئي وري ٽينڊر ڪرايو آهي، روبوٽن جي خريداري جو ٽينڊر گذريل پيپلز پارٽي جي دور ۾ ٿيو هو، اسان اهو ٽينڊر آئيني طور تي ڪينسل نٿا ڪري سگھون، صحت واري وزير سعد خالد نياز روبوٽ مهانگا ڄاڻائي اهو ٽينڊر رد ڪيو هو، صحت واري وزير جي اها خواهش هئي ته روبوٽن وارا فنڊ ڪنهن ٻئي مد ۾ استعمال ڪيا وڃن، جيڪو عمل غيرقانوني آهي، اسيمبلي پاران منظور ڪيل بجيٽ کي نگران حڪومت ڪنهن ٻئي مد ۾ منتقل يا خرچ ڪري نٿي سگھي، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته چين مان روبوٽ خريد ڪريون، جيڪي دنيا جي ٻين ملڪن کان سستا پڻ آهن پر ان ڏس ۾ ڪو فيصلو ناهي ٿيو، وڏي وزير چيو ته روبوٽن جي خريداري هڪ ڊگھو مرحلو آهي، لڳي ٿو ته اسان جي نگران حڪومت جي دور ۾ روبوٽن جي خريداري نه ٿي سگھندي.