ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعظم عمران خان سکر کان ڪراچي پهتو، هن ڊي ايڇ اي ۾ اڏاوت هيٺ شوڪت خانم اسپتال جو دورو ڪري سرندي وارن سان ملاقات ڪئي، بعد ۾ وزيراعظم عمران خان اسلام آباد روانو ٿي ويو، سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل به وزيراعظم عمران خان سان گڏ اسلام آباد روانو ٿي ويو. هوڏانهن ڪراچي جي قومي تڪ اين اي 249 تي پي ٽي آءِ اميدوار امجد آفريدي ڪالهه وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪري چونڊ سرگرمين بابت آگاهي ڏني، ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان کيس هدايت ڪئي ته پي ٽي آءِ جو منشور گهر گهر پهچايو وڃي.