راولپنڊي (م ڊ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران علي امين گنڊاپور کي 2 اپريل تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪي پي جي وڏي وزير جا گرفتاري وارنٽ 9 مئي واقعن جي ڪيس ۾ جاري ٿيا، راولپنڊي جي سٽي ٿاڻي تي علي امين گنڊاپور سوڌو ٻين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو. ساڳئي ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير سوڌو 12 ڄڻن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا جن ۾  شھباز گل، مسرت جمشيد چيمه، مراد سعيد، شبير اعواڻ، شيرين مزارين، شبلي فراز به شامل آهن، عدالت پوليس کي ڄاڻايل جوابدارن کي 2 اپريل تي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جوابدارن تي ساٿين سان گڏجي ميٽرول بس اسٽيشن، 15 آفيس ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پھچائڻ جو الزام آھي.