پشاور(م ڊ) ڪي پي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته وزيراعليٰ هائوس مان رياست مخالف بيانيو ڦهلايو پيو وڃي. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته علي امين گنڊاپور ٻڌائي ته هو ملڪ سان گڏ آهي يا دشمنن جو هٿيار بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته ملڪ هن وقت نازڪ دور مان پيو گذري ، افغان ڌرتي کي اسان جي خلاف استعمال ڪيو پيو وڃي، دهشتگرد سرحد پار ڪري اچي حملا پيا ڪن ۽ ڪي پي حڪومت تماشائي بڻيل آهي. هن چيو ته ڪي پي سرڪار جا وسيلا وفاق خلاف استعمال ٿي رهيا آهن، انڪري علي امين جي خاموشي وڏا سوال اٿاري رهي آهي .