ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاھ لياري جي 19 سالن جي باڪسنگ چيمپئن عاليه  سومرو سان ملاقات ڪري 10 لک رپيا روڪ انعام ڏنو ، وڏي وزير کيس حڪومت طرفان هر ممڪن سهڪار جي آڇ ڪندي چيو ته  کيس پروفيشنل ڪوچ پڻ فراهم ڪيو ويندو. وزيرِاعليٰ هائوس ۾ ٿيل ملاقات دوران وڏي وزير عاليه سومري جي  ڪاميابي جي واکاڻ ڪندي کيس ايشين گيمز جي تياري شروع ڪرڻ جي هدايت ڏني، وزيراعليٰ عاليه کي چيو ته توهان محنت ڪريو، سنڌ حڪومت توهان سان گڏ آهي.