ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي وڏي وزير مراد شاهه جا ڪياماڙي ۾ ڊي سي آفيس ۽ رسالا ماڊل پوليس ٿاڻي تي ڇاپا، غير حاضر رهندڙ 2 اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ هڪ مختيارڪار معطل، هڪ سب رجسٽرار کي بريفنگ نه ڏيڻ تان هٽائڻ جو حڪم ڪالهه صبح جو وڏو وزير گهرو وزير سان گڏجي ڪياماڙي جي ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس پهتو، جتي ڪيترائي آفيسر غير حاضر هئا، جڏهن ته مقامي ماڻهو ڄاڻايل ڪامورن جي انتظار ۾ بيٺل هئا. جاچ ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر (روينيو) نواز ڪلوڙ، اسسٽنٽ ڪمشنر ماڙيپور محمد ياسين ۽ مختيارڪار مير محمد نواز ٽالپر ڊيوٽي تي نه آيا هئا. وڏي وزير ڊوميسائل آفيس جي دوري دوران ڊوميسائل جاري ٿيڻ جي انتظار ۾ بيٺل نوجوانن سان ملاقات ڪئي. خبر پئي ته ڊوميسائلن جي پروسيسنگ مڪمل ٿي چڪي هئي، اهي نوجوان رڳو غير حاضر اسسٽنٽ ڪمشنر جي صحيحن جو انتظار ڪري رهيا هئا. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته اي سي کي معطل ڪيو وڃي، جنهن تي چيف سيڪريٽري فوري طور تي معطلي جا حڪم جاري ڪيا. وڏي وزير گڏاپ ٽائون جي سب رجسٽرار 2 جي آفيس جو پڻ معائنو ڪيو. ڊيوٽي تي موجود سب رجسٽرار عبدالنبي لاشاري وڏي وزير کي پنهنجي آفيس جي معاملن بابت آگاهي ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو، جنهن تي وڏي وزير ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس بورڊ آف روينيو ڏانهن رپورٽ جو حڪم ڏنو. انهي کان اڳ وڏي وزير رسالا ٿاڻي جو به اوچتو دورو ڪيو، جتي هن حاضري رجسٽر چيڪ ڪيو، هن ماڊل پوليس ٿاڻي ۾ سهولتن جو جائزو ورتو. معائني دوران وڏي وزير ڏٺو ته پوليس ٿاڻي ۾ 100 اهلڪار هجڻ گهرجن ها پر اتي رڳو 30 اهلڪار ڊيوٽي تي هئا. ايس ايس پي سٽي وضاحت ڪئي ته ٿاڻي تي 100 بجاءِ 85 پوليس اهڪار مقرر ٿيل آهن ، جيڪي صبح ۽ شام جو ٻن شفٽن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. وڏي وزير ٿاڻي جي لاڪپ جو جائزو ورتو، جتي 9 ڄڻا قيد هئا، هن ايف آءِ آر رجسٽر جو به معائنو ڪيو ته جيئن يقيني بڻائي سگهجي ته ڪو شخص بنا ايف آءِ آر قيد ته ناهي وڏي وزير ليڊيز شڪايتي ڊيسڪ جو معائنو ڪيو ،جتي هڪ جونيئر پوليس ڪانسٽيبل مقرر ٿيل هئي، جنهن وٽ ملاقاتين جو ڪوبه رڪارڊ يا شڪايتن بابت ڪابه ڄاڻ نه هئي. جنهن تي وڏي وزير ايس ايس پي سٽي کي هدايت ڪئي ته ليڊيز ڊيسڪ تي سينيئر ليڊي هيڊ ڪانسٽيبل مقرر ڪئي وڃي، جڏهن ته شڪايت ڪندڙن جو ڪمپيوٽرائيزڊ رڪارڊ رکيو وڃي. مراد علي شاهه شڪايتون وصول ڪرڻ ۽ ٽريڪ ڪرڻ لاءِ ڪمپيوٽرائيزڊ سسٽم تحت قائم ڪيل سهولت ڊيسڪ جو پڻ جائزو ورتو. هن ڏٺو ته شڪايتون اڃا تائين هٿرادو حل ڪيون پيون وڃن. وڏي وزير ايس ايس پي کي هدايت ڪئي ته ڪمپيوٽرائيزيشن تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. وڏي وزير عورتن جو ٿاڻو تعمير هيٺ هجڻ تي گهرو سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته فنڊ جاري ٿيڻ باوجود وومين ٿاڻي جي تعمير مڪمل نه ٿيڻ جي جاچ ڪرائي وڃي.