اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ جعفر ايڪسپريس واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي حملي جي مذمت ڪئي آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف اڳواڻ شيخ وقاص اڪرم وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان مطالبو ڪندي چيو ته شهرين جي فوري ۽ محفوظ بازيابي ۽ آزاديءَ لاءِ اثرائتي حڪمت عملي ۽ بامعنيٰ قدمن کنيا وڃن. نااهل ۽ ناقص ترجيحن جي شڪار حڪومتن جي هٿن ۾ ملڪ تيزيءَ سان بدترين انتشار جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي رهيو آهي، عوامي مينڊيٽ کان محروم وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ملڪ کي درپيش حقيقي چئلينجز کي منهن ڏيڻ بدران آئين، جمهوريت ۽ عوام جي بنيادي حقن جو جنازا  ڪڍڻ ۾ مصروف آهن. شيخ وقاص اڪرم چيو ته دهشتگردي ۽ قومي سلامتي بابت قدم کڻڻ بدران هي پنهنجي نا اهلي لڪائڻ ۾ پورا آهن، هن چيو ته وزيراعظم ۽ بلوچستان جي وڏي وزير وٽ عهدن تي ويهڻ جو ڪهڙو جواز بچيو آهي. گهرو ۽ دفاع وارن وزيرن کي عوام ڪٽهڙي ۾ ڇو نه بيهاري. ڇو معصوم شهرين کي انهن نااهل ۽ ماڻهن جي ڪري موت جي ور چاڙهيو پيو وڃي.