اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ گيس جي فراهمي بابت جائزو ورتو ويو، گهريلو صارفين کي گيس جي فراهمي ۾ گهٽتائي جي شڪايتن جو وزيراعظم جو نوٽيس ورتو. وزير اعظم چيو ته سياري ۾ گهريلو صارفين کي گيس جي فراهمي کي فوري طور تي يقيني بڻايو وڃي، وزيراعظم سسٽم جي ڍانچي کي سڌارڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن اهو مسئلو مستقل طور حل ٿي سگهي. وزير اعظم شهباز شريف چيو ته گهريلو صارفين کي گيس فراهم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. وزير اعظم کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته سسٽم ۾ سرپلس آر ايل اين جي آهي، گذريل سال جي ڀيٽ ۾ گيس لوڊ مينيجمينٽ ۾ بهتري آئي آهي. گيس لوڊشيڊنگ جو وقت گذريل سال جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي، گهريلو صارفين کي صبح 5 وڳي کان رات 10 وڳي تائين گيس فراهم ڪئي پئي وڃي، پاور سيڪٽر کي به گهرج مطابق گيس فراهم ڪئي پئي وڃي.