لاهور (م ڊ) وزيراعظم ملڪي مسئلن جي حل لاءِ گرينڊ ڊائلاگ جي تجويز ڏئي ڇڏي، شهبازشريف چيو آهي ته پاڪستان کي اڳتي هلائڻو هي ته ڊگهي مدي واريون ڳالهيون ڪرڻيون پونديون، قرض تي هلندڙ ملڪ ڪيستائين جيئرو رهندو. لاهور ۾ انڊس اسپتال جي افتتاح تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ملڪ کي گرينڊ  ڊائلاگ جي سخت ضرورت آهي، انڪري اسان کي سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان گرينڊ ڊائلاگ ڪر ڻو پوندو. شهبازشريف چيو ته سٺا ماڻهو ڪنهن به حڪومت سان گڏ ڪم ڪن ته ان کي سياسي رنگ نه ڏيڻ گهرجي، اسان کي پنهنجي پسند ناپسند کان مٿانهون ٿي ملڪي مفاد ۾ فيصلا ڪرڻا پوندا، قوم جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ انا کي مارڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته قرض تي رهندڙ ملڪ ڪيستائين زنده رهندو، هن وقت اسان کي سڀني کان اڳتي هجڻ گهرجي ها پر بدقسمتي سان اسان گهڻو پوئتي رهجي ويا آهيون، صحت ۽ تعليم تي ڪابه سوديبازي نه ٿيڻ گهرجي، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ پاڪستان گهڻو اڳتي وڌي سگهي ٿو، معيشت جو ڦيٿو هلائينداسين، معيشت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌڻو پوندو، 75 ورهين بعد به اسان سبق ناهي سکيو، هر شئي تي سياست ڪرڻي آهي؟ هن چيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ بابت مونکي علم آهي، ساڍن ٽن سالن ۾ ملڪ ۾ جيڪو ٿيو، ان جو حساب وٺڻو آهي يا نه؟يا صرف مون کان حساب وٺڻدو آهي، آئون پنهنجي ٻن اڍائي مهينن جو حساب ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. شهبازشريف جو چوڻ هو ته اشرافيه پاڻ اهو چوي ته اوهان سڀ ڪجهه ڪريو، اسان تي بار نه پوي ته هي ملڪ نٿو هلي سگهي، سڀني لاءِ اسان مثال پيدا ڪنداسين ته ڳالهه ٺهندي، قومون صف بندي ۽ پلاننگ سان ٺهنديون آهن، جنهن لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ پوندو. وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومت هڪ پائي به ڪنهن کي نه ڏني، بي اعتمادي رٿ جي ڳالهه آئي ته تيل ۽ بجلي جي قيمتون گهٽائي ڇڏيون، اڄ دنيا ۾ تيل جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن، مجبور قيمتون وڌائڻيون پيون، پوري ڪوشش ڪنداسين ته جتي غريب تي بار پوندو اتي رليف ڏينداسين.