وزيراعظم ڇو نٿو اچي ؟ حڪومت جي اتحادي جماعت پ پ جو قومي اسيمبلي ۾ واڪ آئوٽ

0
104
وزيراعظم ڇو نٿو اچي ؟ حڪومت جي اتحادي جماعت پ پ جو قومي اسيمبلي ۾ واڪ آئوٽ
وزيراعظم ڇو نٿو اچي ؟ حڪومت جي اتحادي جماعت پ پ جو قومي اسيمبلي ۾ واڪ آئوٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس 45 منٽ دير سان شروع ٿيو، پ پ ميمبرن اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو، اجلاس شروع ٿيندي ئي پ پ ميمبر احتجاج ڪندي ٻاهر هليا ويا، حڪومتي اتحادي پارٽي پ پ وزيراعظم شهباز شريف جي ايوان ۾ اچڻ جو مطالبو ڪيو، پ پ ميمبرن چيو ته وزيراعظم ايوان ۾ نٿو اچي ته وزير ڪٿان ايندا، وزيراعظم ايوان کي سنجيده کي نٿو وٺي، يوسف رضا گيلاني تسلسل سان ايوان ۾ اچي سگهي ٿو ته شهباز شريف ڇو نٿو اچي سگهي، وزيراعظم شهباز شريف ايوان ۾ ايندو ته اسان به اينداسين. پ پ ميمبرن ۾ سيد نويد قمر، خورشيد شاهه، آغا رفيع شامل هئا، جن سان واڪ آئوٽ ڪرڻ بعد حڪومتي وفد ملاقات ڪئي، پ پ پنهنجي موقف کان آگاهه ڪيو. جڏهن ته ڪورم پورو نه هجڻ تي قومي اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ڪيو ويو، اجلاس ۾ پي ٽي آءِ ميمبر پلي ڪارڊ کڻي شريڪ ٿيا هئا جن تي لکيل هو ته گولي ڇو هلائي، 9مئي ۽ 26 نومبر تي جوڊيشل ڪميشن جو مطالبو به لکيل هو.