لنڊن / لاهور(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ جي صدر نواز شريف چيو آهي ته اهو سچ نه آهي ته مون کي وزيراعظم ٿيڻ کان ڪنهن روڪيو هو، طئي ٿيو هو ته اڪثريت نه ملي ته وزيراعظم جو اميدوار نه هوندو، ان ۾ ڪو به راز ناهي. 24 نومبر تي احتجاج جو سڏ ڏيڻ وارا ڪامياب نه ٿيندا. لنڊن ۾ ڏيهه روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهين ۽ خانگي ٽي وي کي انٽرويو ۾ نواز شريف چيو ته احتجاج ۽ ڌرڻن جو سڏ ڏيندڙ ڪامياب نه ٿيندا 24 نومبر تي احتجاج جو سڏ ملڪ کي پٽڙي تان لاهڻ جي ڪوشش آهي، مسلم ليگ ن جي صدر نواز شريف سياسي ڇڪتاڻ جو ذميوار عمران خان کي قرار ڏيندي چيو ته جمهوريت کي سمجهو، ان جي بهتري لاءِ ڪجهه ڪيو، هندستاني ڪرڪيٽ ٽيم کي پاڪستان اچڻ گهرجي ان سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ بهتري ايندي. آئون اهڙو ڪجهه نٿو ڪرڻ چاهيان جنهن سان مشڪلاتون ۽ عدم استحڪام پيدا ٿي سگهي، آئون ملڪ ۽ عوام لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو، اها ئي منهنجي پهرين ۽ آخري خواهش آهي ۽ رهندي، منهنجي باري ۾ ماڻهو چوندا هئا ته آئون لنڊن ۾ ويهي رهندس، انهن کي منهنجي واپسي جواب آهي، اهي پروپيگنڊا ڪندا هئا منهنجي لنڊن ۾ رهڻ جي باري ۾ ڪوڙيون من گهڙت خبرون بڻايون ويون، پاڪ هند لاڳاپن بابت سوال جي جواب ۾ نواز شريف چيو ته پاڪستان ۽ هندستان لاڳاپن جو موضوع منفرد آهي ڪو به ايماندراڻو جواب ڪنهن به هڪ ڌر لاءِ تڪليف ڏيندڙ ٿي سگهي ٿو، مون کي بردباري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو ۽ جارحاڻن بيانن کان پاسو ڪرڻو پوندو، خطي ۾ سينيئر سياستدان هئڻ جي ناتي ڪا به غلط فهمي نٿو چاهيان. نواز شريف وڌيڪ چيو ته مون کي ياد ناهي عمران کي هڪ يا 2 ڀيرا اسيمبلي ۾ ڏٺو هجي، هن سڄو وقت اسيمبلي کان ٻاهر ڌرڻن ۾ گذاريو، ان جي ميمبرن استعيفائون ڏنيون، هن 35 پنڪچر ڪيس جي نالي سان اسان خلاف مهم شروع ڪئي، جنهن کي ان وقت جي چيف جسٽس ناصر الملڪ کڻي ٻاهر ڦٽو ڪيو. هن مولانا طاهر القادري سميت ٻين ماڻهن سان اتحاد ڪيو، ڇا اها جمهوريت هئي؟ عمران خان جي حڪومت ۾ بدتر صورتحال هئي. هن چيو ته چونڊون کٽڻ کانپوءِ عمران خان جي گهر ويس ۽ ان کي گڏجي پاڪستاني عوام جي خدمت جي دعوت ڏني. هن ان وقت مون کي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڌرڻن جو اعلان ڪيو. ان کي ڇا چئجي؟