اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت ڪراچي جي واپارين جا سمورا مسئلا حل ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ سنڌ جي گورنر نگران وزيراعظم کي سنڌ صوبي جي انتظامي معاملن ۽ امن امان جي حوالي سان تفصيلي آگاهه ڪيو. گورنر ڪراچي جي واپارين ۽ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس پاران بجلي جي اگهن جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي تجويزن تي مشاورت کانپوءِ جلد رپورٽ پيش ڪئي وڃي.