اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ سيڙپڪاري بورڊ جي تحت جاري منصوبن ۽ مختلف قدمن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم ملڪ ۾ ڪاروباري سهولت مرڪزن جي تعمير کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ملڪ ۾ ڪاروبار لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ ريگيوليٽري سڌارن تي ڪم تيز ڪيو وڃي، عالمي سيڙپڪارن سان بي 2 بي معاهدن تي عملدرآمد ۽ دستخط ڪيل ايم او يوز تي عملدرآمد لاءِ هڪ موثر ۽ جامع روڊ ميپ ٺاهيو وڃي.  سيڙپڪاري لاءِ هدف مقرر ڪيا وڃن، جيڪي جلد کان جلد حاصل ڪري سگهجن. بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته جيوگرافڪل انفارميشن سسٽم (جي آءِ ايس) ذريعي ملڪ ۾ 35 اسپيشل اڪنامڪ زونز جي سروي ڪئي وئي آهي. بريفنگ ۾ چيو ويو آهي ته مختلف چيني ڪمپنين سان 200 کان وڌيڪ بي ٽو بي معاهدا ڪيا ويا آهن ۽ 70 ملين ڊالر جي مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن. اجلاس ۾ آسان ڪاروبار ايڪٽ 2024ع بابت تجويزون پيش ڪيون ويون. آسان ڪاروبار ايڪٽ 2024ع تحت سيڙپڪاري بورڊ ملڪ ۾ ڪاروبار ڪرڻ لاءِ ريگيوليٽري فريم ورڪ کي موجوده تقاضائن مطابق ترتيب ڏئي سگهندو. اجلاس ۾ نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.