وزيراعظم پاران پ پ کي ڪئنال مسئلو حل ڪرڻ جي خاطري: ڇنڇر تي اجلاس، ٽاسڪ ڊار حوالي

0
21
وزيراعظم پاران پ پ کي ڪئنال مسئلو حل ڪرڻ جي خاطري: ڇنڇر تي اجلاس، ٽاسڪ ڊار حوالي
وزيراعظم پاران پ پ کي ڪئنال مسئلو حل ڪرڻ جي خاطري: ڇنڇر تي اجلاس، ٽاسڪ ڊار حوالي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيئرمين پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو. وزير اعظم آفيس پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو وفد وزيراعظم هائوس پهچي وزيراعظم سان ملاقات ڪري سندس قيادت ۾ حڪومت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چئني صوبن ۾ عوام جي اميدن تي پورو لهڻ ۽ وفاقي حڪومت سان سهڪار سان عام ماڻهو جي زندگي بهتر بڻائڻ لاءِ فعال ۽ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ تي پيپلز پارٽي جي قيادت کي ساراهيو. وزير اعظم چيو ته وفاق، صوبن ۽ سمورين سياسي پارٽين کي گڏجي ملڪ جي مستقبل کي بهتر بڻائڻو پوندو، شرڪت ڪندڙن وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومت جي معاشي پاليسين ۽ ملڪ ۾ تازي معاشي استحڪام لاءِ وزيراعظم ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو. پڌرائي ۾ چيو ويو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي ترقي، معاشي استحڪام ۽ عام ماڻهو جي زندگي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ حڪومت جي هر قدم ۾ مڪمل سهڪار ڪندي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي وفد وزيراعظم جي قيادت ۾ ملڪي معيشت جي ترقي لاءِ ڀرپور تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻئي طرف پيپلز پارٽيءَ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ پيپلز پارٽي جي وفد وزيراعظم شهباز شريف آڏو تڪراري ڪئنالن بابت اعتراض اٿاريو. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ پيپلز پارٽي جي وفد وزيراعظم شهباز شريف کي خيبرپختونخوا جي ضلعي ڪرم ۾ امن امان جي خراب صورتحال کان آگاهه ڪيو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ پيپلز پارٽي جي وفد وزيراعظم شهباز شريف کي بلوچستان جي ٻوڏ متاثرن جي مدد نه ڪرڻ جي شڪايت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف تڪراري ڪئنال، ڪرم ضلعي ۾ امن ۽ بلوچستان جي ٻوڏ متاثرن بابت پيپلز پارٽي جا خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. ذريعن موجب وزيراعظم خاطري ڪرائي ته ڪئنال ڪڍڻ جي حوالي سان جلد اعليٰ سطحي اجلاس طلب ڪيو ويندو، سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو پ پ کي اعتماد ۾ وٺڻ بنا نه ڪيو ويندو، ذريعن موجب پ پ ۽ ن ليگ جي پنجاب جي مسئلن جي حل لاءِ ڇنڇر تي لاهور ۾ اجلاس ٿيندو، ٻئي پارٽيون گڏجي تڪراري معاملا حل ڪنديون، وزيراعظم شهباز اسحاق ڊار کي ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي.